گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي)عراق ۽ ترڪيه اتر عراق ۾ موجود باشيقه زِلڪان فوجي اڏي تي ترڪيه جي فوجي موجودگي ختم ڪرڻ ۽ ان کي طئي ٿيل طريقيڪار ۽ ٽائيم ٽيبل تحت مرحليوار حڪومت حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها اتفاق راءِ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ عراقي وزيراعظم علي الزيدي …
عراق ۽ ترڪيه جو باشيقه زِلڪان فوجي اڏو بغداد حوالي ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي)عراق ۽ ترڪيه اتر عراق ۾ موجود باشيقه زِلڪان فوجي اڏي تي ترڪيه جي فوجي موجودگي ختم ڪرڻ ۽ ان کي طئي ٿيل طريقيڪار ۽ ٽائيم ٽيبل تحت مرحليوار حڪومت حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها اتفاق راءِ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ عراقي وزيراعظم علي الزيدي وچ ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ سامهون آيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، نينوي گورنريٽ جي علائقي سنجار ۾ عراقي رياستي اختيار مڪمل طور قائم ڪرڻ ۽ اتي منع ٿيل پرڏيهي هٿياربند ڌرين جي موجودگي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. گڏيل بيان موجب فوجي اڏي جي حوالگي عرق طرفان زميني سطح تي ڪيل سيڪيورٽي قدمن ۾ اڳڀيرائي کانپوءِ عمل ۾ آندي ويندي. ٻنهي ملڪن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ، اڳ کان طئي ٿيل معاهدن تي فوري عملدرآمد ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ منصوبن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.











