راولپنڊي/پشاور-24 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ ڳجهي معلومات تي ٻڌل ڪامياب آپريشن ڪندي فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق واري اطلاع تي موثر ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران خوارجين جي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو. ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار، ڌماڪيدار …
اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 8 خوارجي مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي/پشاور-24 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ ڳجهي معلومات تي ٻڌل ڪامياب آپريشن ڪندي فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق واري اطلاع تي موثر ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران خوارجين جي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو. ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار، ڌماڪيدار مواد ۽ ٻيو جنگي سامان هٿ آيو آهي. آپريشن دوران خوارجي سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ مسجد کي ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي، فورسز مسجد جي تقدس ۽ حرمت کي نظر ۾ رکندي انتهائي پيشيوراڻي مهارت ۽ حڪمت عملي سان دهشتگردن کي نشانو بڻايو ۽ مسجد کي ڪنهن به نقصان کان بچائي ورتو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه ۽ خاص ڪري قبائلي ضلعن ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پنهنجي پختي عزم تي سختي سان ڪاربند آهي.











