پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ افغان ڌرين جي ملوث هجڻ جا ثبوت سامهون اچي ويا، مستونگ حملي ۾ مارجي ويل دهشتگرد کان افغان دستاويز هٿ

راولپنڊي/ڪوئيٽا-24 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث افغان ڌرين جا ٺوس ثبوت هڪ دفعو ٻيهر سامهون اچي ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ٿيل حملي ۾ مارجي ويل فتنه الهندستان جي دهشتگردن ۾ افغاني رهواسي شامل ڏٺا ويا آهن. ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگرد ذوالفقار عرف ابو عمر جي قبضي مان افغان جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف انٽيليجنس (جي ڊي آءِ) جو باضابطه رڪارڊ …

راولپنڊي/ڪوئيٽا-24 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث افغان ڌرين جا ٺوس ثبوت هڪ دفعو ٻيهر سامهون اچي ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ٿيل حملي ۾ مارجي ويل فتنه الهندستان جي دهشتگردن ۾ افغاني رهواسي شامل ڏٺا ويا آهن. ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگرد ذوالفقار عرف ابو عمر جي قبضي مان افغان جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف انٽيليجنس (جي ڊي آءِ) جو باضابطه رڪارڊ هٿ آيو آهي، جڏهن ته هڪ ٻي مارجي ويل دهشتگرد خليل احمد کان افغان قومي سڃاڻپ دستاويز (تذڪره) مليو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ تخريبڪاري لاءِ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ ۽ طالبان رجيم جو ڪڌي ڳٺ جوڙ پهرين به انٽيليجنس رپورٽس ۾ بي نقاب ٿي چڪو آهي، ڳجهي رپورٽ موجب سال 2025ع ۾ ”را“ ۽ افعان طالبان انٽيليجنس وچ ۾ گڏيل ڳجهي نيٽ ورڪ جو انڪشاف ٿيو هو، جنهن تحت ڀارتي ايجنسي بلوچستان ۾ بدامني پکيڙڻ لاءِ 78 لک ڊالرن جي وڏي رقم فراهم ڪئي هئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته طالبان سربراهه ملا هيبت الله جي هدايتن تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي جديد ترين هٿيارن ۽ لاجسٽڪ سپورٽ مهيا ڪئي وئي، جڏهن ته طالبان رجيم طرفان انهن کي هٿيارن جي فراهمي لاءِ لکيل باضابطه خط به ان ڳٺ جوڙ جو واضح ثبوت آهي. ذريعن موجب ڀارتي ”را“ افغان طالبان رجيم جي تعاون سان پاڪستان خلاف افغان سرزمين کي دهشتگردن جي تربيت، مالي مدد، محفوظ پناهگاهن طور مسلسل استعمال ڪري رهي آهي.