اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ ڏينهن دوران گرم رهندي، جڏهن ته بعد ۾ ٻنپهرن جو اترئين جابلو علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ميداني علائقن ۾ ڏينهن دوران گرم رهندي: موسميات کاتو
اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ ڏينهن دوران گرم رهندي، جڏهن ته بعد ۾ ٻنپهرن جو اترئين جابلو علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ موسم گرم رهي، جڏهن ته مٺي، زيارت، بابوسر ۽ پاراچنار ۾ هلڪي برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد لسٻيلو 43، حيدرآباد، خيرپور، شهيد بينظيرآباد ۽ ڇور ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











