وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ڀاءُ شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شيخ احمد بن راشد المڪتوم دبئي ۽ …

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ڀاءُ شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شيخ احمد بن راشد المڪتوم دبئي ۽ گڏيل عرب امارات جي خدمت جي لاءِ پنهنجي پوري زندگي عزت ۽ وقار سان وقف ڪئي، پاڪستان سندس اڻٿڪ خدمتن کي قدر ۽ احترام سان خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ محمد بن راشد المڪتوم، آل مڪتوم خاندان ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ استقامت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي.