ڪوهاٽ / پشاور - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪوهاٽ جي فضا سوڳوار آهي، دهشتگردي جي تازي دل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ هن ڌرتيءَ جي بهادر جوانن جانين جا نذرانا پيش ڪري خطي، صوبي ۽ ملڪ کي محفوظ ڪيو، انهن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪيو پر لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون …
شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگردي جي خاتمي تائين سُک سان ويهنداسين: عطاءُ الله تارڙ
ڪوهاٽ / پشاور – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪوهاٽ جي فضا سوڳوار آهي، دهشتگردي جي تازي دل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ هن ڌرتيءَ جي بهادر جوانن جانين جا نذرانا پيش ڪري خطي، صوبي ۽ ملڪ کي محفوظ ڪيو، انهن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪيو پر لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين. ڪوهاٽ جي دوري جي موقعي تي پارٽي ورڪرز کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هن اڄ سي ايم ايڇ ڪوهاٽ ۾ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ جوانن سان ملاقات ڪئي جن جو جذبو قابل فخر هو. هڪ شديد زخمي جوان چيو ته “رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين” جڏهن ته ٻئي جوان دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪري انهن کي شڪست ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ پوليس جي جوانن ۽ آفيسرن آپريشن ۾ جنهن بهادري جو مظاهرو ڪيو، اها ساراهه جوڳي آهي. جيڪي جوان موڪل تي هئا اهي به ٻيهر يونيفارم پهري دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پهچي ويا. انهن جوانن جو حوصلو ۽ جذبو ڏسي اميد وڌي آهي ته دهشتگردن کي شڪست ڏني ويندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته شهيد فهيم جي والد پٽ جي شهادت تي فخر ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجو پٽ ٽن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو. هن چيو ته اهڙي قوم جي فرزندن کي شڪست ڏيڻ ممڪن نه آهي جيڪي پنهنجي پيارن جي شهادت تي به فخر ڪن ٿا. وفاقي وزير شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح پيغام ڏنو آهي ته اهو وقت پري نه آهي جڏهن ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج دهشتگردي جي خلاف ڀرپور قربانيون ۽ جدوجهد ڪري رهي آهي. هن چيو ته دهشتگرد بزدل آهن ۽ لڪي وار ڪن ٿا، انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته انهن جو مقابلو اهڙي قوم سان آهي جيڪا پنهنجي بهادر جوانن تي ناز ڪري ٿي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪوهاٽ ۾ رت وهي رهيو هو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ڪٿي هو؟ هن چيو ته وڏو وزير سياسي سرگرمين ۽ فوٽو شوٽ جي لاءِ لاهور ۾ موجود هو، کيس ڪوهاٽ اچي متاثرين ۽ شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيهڻ گهرجي ها پر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير 15 منٽن تائين هيليڪاپٽر تي ڪوهاٽ جو چڪر لڳايو ۽ رخصت ٿي ويو. ڪاش هو شهيدن جي گهرن ۾ وڃي ها پر وٽس وقت نه آهي، ان وٽ انتشار ڦهلائڻ ۽ ڌرڻن جي لاءِ وقت آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ساڍا 12 سالن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي پر امن امان جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو. دهشتگردي جي خلاف ڏيڍ سئو ارب رپين جا فنڊز ڪٿي خرچ ٿي رهيا آهن، صوبائي حڪومت کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اهي فنڊز سياسي طور تي استعمال ٿي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي جنيد اڪبر بيان ڏنو ته اسان اسلام آباد کي سومنات بڻائي ڇڏينداسين، کيس معافي وٺڻ گهرجي، انهن پنهنجي صوبي کي ته کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي اهي هر جڳهه تي تباهي چاهين ٿا جنهن جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن صوبي ۾ اسپتالون ۽ يونيورسٽيون ٺاهيون وڃن ها ته پوري پاڪستان مان ماڻهو هتي اچن ها. هن چيو ته موٽروي ۽ ڪوهاٽ ٽنل جهڙا منصوبا نواز شريف جي دور ۾ مڪمل ڪيا ويا، جيڪڏهن انهن منصوبن کي ڪڍيو وڃي ته صوبي جي تعمير ۽ ترقي ۾ باقي ڇا رهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پوليس کي جديد هٿيار، تربيت ۽ ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. صوبي ۾ فرانزڪ ليب تائين نه ٺاهي وئي ۽ فرانزڪ جي لاءِ ماڻهو پنجاب وڃن ٿا. هن سوال ڪيو ته فرانزڪ ليب ڇو نه ٺهي سگهي ۽ سي ٽي ڊي جي نئين فورس ڇو نه جوڙي وئي جڏهن ته فنڊز ۽ وسيلا موجود آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته باني پي ٽي آءِ سزا يافته ڏوهاري آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري کي ڇڏرائڻو آهي ته عدالت سان رجوع ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته هٿيار کڻي اسلام آباد ايندو ته ان جي اجازت نه ڏني ويندي. صوبائي حڪومت کي عوام جي خدمت ۽ ترقياتي پروگرامن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت اهڙي طرح ڪم ڪندي رهي ته هڪ وقت ايندو جڏهن صوبي جي عوام پڇندي ته فنڊز ڪٿي خرچ ڪيا ويا، عوام تي يا سياسي معاملن تي؟ وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تعمير ۽ ترقي تي پابندي يا سستي جي حوالي سان صوبائي حڪومت کي پنهنجي پاليسي واضح ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڪوهاٽ اچي شهيدن جي پونئيرن ۽ زخمين سان ملاقات سان حوصلو وڌيو آهي. انشاءَ الله تمام جلد دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو ۽ خيبرپختونخواهه امن ۽ ترقي جو گهوارو بڻجندو. هن چيو ته ڪوهاٽ جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ۽ سندس ٽيم مسئلا حل نه ٿي ڪري سگهي ته انهن کي گهر هلي وڃڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي امڪاني اسلام آباد احتجاج جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به پرامن احتجاج ناهي ڪيو. پرامن ماڻهو ڏنڊا ۽ هٿيار کڻي گهرن مان ناهن نڪرندا. هن الزام هنيو ته ماضي ۾ عورتن کي هراسان ڪيو ويو، ميٽرو اسٽيشنز ۽ وڻ ساڙيا ويا، ان جي لاءِ اهڙي نوعيت جي احتجاج کي پرامن نه ٿو چئي سگهجي. هن چيو ته غيرپرامن جٿي کي اسلام آباد اچڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا پارليامينٽ ۾ ڳالهه ٻولهه جي آڇ ڪئي پر جڏهن به ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته سياسي الزام بازي شروع ڪئي وڃي ٿي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته احتجاج، ڌرڻن ۽ رستن جي بندش سان سڀ کان وڌيڪ واپاري، آبادگار، مزدور ۽ دڪاندار متاثر ٿين ٿا. هن سوال ڪيو ته انهن ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو سياسي سرگرمين جي ڪري ڪاروبار بند ٿي وڃن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بجلي ۽ گئس جي مسئلي جي حل لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته صوبائي حڪومت کي فنڊز جي بهاني جي پٺيان لڪڻ نه ڏينداسين، انهن کان حساب وٺنداسين، صوبائي حڪومت کي اهو ٻڌائڻو پوندو ته مائننگ جا ٺيڪا ڪنهن کي ڏنا ويا، ان مان ڪيتري آمدني حاصل ٿي ۽ ڪيترو ٽيڪس وصول ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جبلن ۽ وڻن کي وڍيو پيو وڃي، تمر مافيا به سرگرم آهي، اسان غيرقانوني سگريٽ جون فيڪٽريون به پڪڙيون آهن، اڍائي سئو ارب رپين جي ٽيڪس چوري آهي، ڪاش اهو پئسو خيبرپختونخواهه جي عوام تي لڳايو وڃي ها. هن چيو ته گولڊ مائننگ جا تفصيل ٻڌايا وڃن ته اهي ٺيڪا ڪنهن کي ڏنا ويا، ڇا شفاف طريقي تحت ڏنا ويا يا من پسند ماڻهن ۾ ورهايا ويا آهن، گولڊ مائننگ جي ٺيڪي سان ڪروڙين رپين جو ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو جيڪو هتان جي عوام جو حق آهي. هن چيو ته انهن کي فنڊز جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت جو مقصد عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي ترقي آهي، سياسي ڇڪتاڻ ۽ احتجاج جي ذريعي عوام جا مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ ڪيترائي ڀيرا چيو ته اسان ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا پر هي غيرسياسي ماڻهو آهن ۽ انهن سدائين غيرسياسي ڳالهه ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاجن سان واپاري برادري کي هڪ ڏينهن ۾ 120 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو، رستا بند ٿي وڃن ٿا، ٽرانسپورٽ بند ٿئي ٿي، واپار تباهه ٿي وڃي ٿو، ڇا اهي 120 ارب رپيا سهيل آفريدي پنهنجي کيسي مان ادا ڪندو؟ هن چيو ته واپاري برادري جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو رستا بند ڪيا وڃن، ڪاروبار بند ٿي وڃي. اهي جيڪڏهن ترقي نه ٿا ڏئي سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ ته نه وجهن. وفاقي وزير چيو ته هي ڳالهه ٻولهه وارا ماڻهو نه آهن، جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ڪرڻي هجي ها ته تمام گهڻو اڳ ڪري چڪا هجن ها. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪوهاٽ سميت خيبرپختونخواهه جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو اظهار ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو ۽ خيبرپختونخواهه کي امن ۽ ترقي جو گهوارو بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري رکيا ويندا.











