ٽيڪ روانگي واپار ۾ 21 سيڪڙو واڌ، اڌ کان وڌيڪ آمريڪا سان ڪيو پيو وڃي، عالمي ڪمپنيون پاڪستان جو رخ ڪري رهيون آهن: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام شعبي هاڻوڪن سالن ۾ غير معمولي ترقي ڪئي آهي ۽ ملڪي ٽيڪ روانگي واپار ۾ ساليانو 20 کان 21 سيڪڙو جي شرح سان مسلسل واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ روانگي واپار سڌي ريت آمريڪا سان ڪيو  …

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام شعبي هاڻوڪن سالن ۾ غير معمولي ترقي ڪئي آهي ۽ ملڪي ٽيڪ روانگي واپار ۾ ساليانو 20 کان 21 سيڪڙو جي شرح سان مسلسل واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ روانگي واپار سڌي ريت آمريڪا سان ڪيو  پيو وڃي، جنهن سبب آمريڪا اسان جي ٽيڪ ڪميونٽي جو مضبوط حصيدار بڻجي اڀريو آهي. سومر ڏينهن يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشنل فائونڊيشن ان پاڪستان جي انتظام هيٺ رٿيل انوويشن هائيوربن ڪٽنگ سرمني ۾ خاص مهمان طور اهم خطاب ڪري رهي هئي. تقريب ۾ آمريڪي ناظم الامور (چارج ڊي افيئرز) نتالي بيڪر ۽ ٻين سفارتي ۽ تعليمي شخصتين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ وڏيون عالمي ٽيڪ ڪمپنين جي فزيڪل موجودگي ۾ نمايان واڌ ٿي رهي آهي، گذريل سال گوگل ڪروم بڪ اسيمبلي لائن جڏهن ته هلندڙ سال باضابطه آفيس جو افتتاح ڪيو. ايپل پاڪستان لاءِ پهرين هيڊ آف گورنمينٽ آفيئرز کي ملڪ ۾ مقرر ڪيو ۽ آمريڪي ايڪسلريٽر پلگ اينڊ پلي به ملڪي ٽيڪ ايڪو سسٽم جو حصو بڻجي چڪو آهي جيڪو باصلاحيت نوجوانن ۽ ملڪي مارڪيٽ تي عالمي اعتماد جو چٽو ثبوت آهي. هن ٻڌايو ته آءِ ٽي واري وزارت جا ادارا اگنائيٽ ذريعي اسٽارٽ اپس جي سرپرستي جاري آهي ۽ هاڻي پاڪستان اسٽارٽ اپ فنڊ جي ٻي مرحلي جي شروعات ڪئي پئي وڃي جنهن لاءِ حڪومت 10 ملين ڊالرن جي شروعاتي سيڊ گرانٽ رکي آهي. جڏهن ته ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين حصيدارن جي سهڪار سان وڏو اينڪر فنڊ جوڙيو پيو وڃي. عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ هن فنڊ جو انتظام حڪومت بدران گلوبل فنڊ مينيجرز سنڀاليندا. ان کانسواءِ علاوه سڄي ملڪ ۾ 8 نيشنل انڪيوبيشن سينٽر فعال آهن جن ۾ عورت انٽر پرينيورز لاءِ قائم خصوصي سينٽر به شامل آهي. شزه فاطمه خواجه جو چوڻ هو ته بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ساليانو 25 کان 30 لک روزگار جا موقعا گهربل آهن جنهن جو بهترين حل انٽر پرينيورشپ کي هٿي ڏيڻ آهي، انوويشن هائيو جهڙو منصوبو نوجوانن کي ورڪنگ اسپيس سان گڏ رهنمائي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائي فراهم ڪندو. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت ڊجيٽل ٽرانسفارميشن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام کي ملڪي معيشت، گورننس، صحت ۽ زراعت سميت سمورن شعبن جي ترقي جو بنياد بڻايو ويو آهي.