نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ڀاءُ شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته …

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ڀاءُ شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو آهي، دبئي جي سلامتي ۽ ترقي ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي لاءِ شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي خدمتن کي ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران شيخ محمد بن راشد المڪتوم، المڪتوم خاندان ۽ دبئي ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائي.