راولپنڊي - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري راولپنڊي ڪچهري ۾ نئين تعمير ٿيل چوڌري زمرد حسين بلاڪ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن نوجوان وڪيلن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته نوجوان …
راولپنڊي ڪچهري ۾ چوڌري زمرد حسين بلاڪ جو افتتاح، نوجوان وڪيلن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور
راولپنڊي – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري راولپنڊي ڪچهري ۾ نئين تعمير ٿيل چوڌري زمرد حسين بلاڪ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن نوجوان وڪيلن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته نوجوان وڪيلن جي پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي جڏهن ته آءِ ٽي سينٽر ۽ ٻيا جديد سهولت مرڪز انهن کي مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ ۽ پنهنجي قانوني خدمتن کي بدلجندڙ گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندڙ وڪيل قانوني معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ وڌيڪ موثر انداز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي سگهندا. وڪيلن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جو مقصد انهن کي بدلجندڙ پيشيواراڻي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ قانوني شعبي ۾ ڊيجيٽل سهولتن کي فروغ ڏيڻ آهي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته جديد بار مئنيجمينٽ سسٽم جاري ڪرڻ سان بار جي انتظامي معاملن ۾ بهتري ايندي ۽ وڪيلن کي سهولتن جي فراهمي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چوڌري زمرد حسين بلاڪ کي راولپنڊي ڪچهري جي انفراسٽرڪچر ۾ اهم اضافو قرار ڏيندي چيو ته نئين بلاڪ سان وڪيلن ۽ ڪيسن جي ڌرين کي بهتر ڪم ڪرڻ جو ماحول ملندو. تقريب ۾ راولپنڊي بار ايسوسيئيشن جي صدر طارق محمود ساجد اعواڻ، نائب صدر شازيه هاشمي، جنرل سيڪريٽري قمرالحق نيازي، جوائنٽ سيڪريٽري احسن منجهه، اڳوڻي صدر راجا ناصر، شاهد سواتي ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ، سينيئر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ملڪ اسرار، ڊاڪٽر ارشد ايڊووڪيٽ، طيب پکرال ايڊووڪيٽ، راجا شفيق ايڊووڪيٽ ۽ نديم اختر ڀٽي ايڊووڪيٽ سميت وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.











