اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جو سي ايم ايڇ ڪوهاٽ جو دورو، ڪوهاٽ واقعي جي زخمين جي عيادت ڪئي

ڪوهاٽ - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سومر ڏينهن هتي سي ايم ايڇ ڪوهاٽ جو دورو ڪيو ۽ ڪوهاٽ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي عيادت ڪئي. وفاقي وزير زخمين سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران انهن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. زخمين اطلاعات واري وفاقي وزير کي دهشتگردي جي واقعي بابت تفصيلن کان …

ڪوهاٽ – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سومر ڏينهن هتي سي ايم ايڇ ڪوهاٽ جو دورو ڪيو ۽ ڪوهاٽ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي عيادت ڪئي. وفاقي وزير زخمين سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران انهن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. زخمين اطلاعات واري وفاقي وزير کي دهشتگردي جي واقعي بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ عيات جي لاءِ اچڻ تي سندس ٿورا اداڪيا. وفاقي وزير زخمين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي دهشتگردي جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب، ايمان ۽ عقيدو نه آهي، اهي بزدل ماڻهو آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته توهان جنهن بهادري سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ڪوهاٽ واقعي جي زخمين کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.