صدر آصف علي زرداري پاران شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ننڍي ڀاءُ شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ صدر آصف علي زرداري شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ سوڳوار آل مڪتوم خاندان …

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ننڍي ڀاءُ شيخ احمد بن راشد المڪتوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ صدر آصف علي زرداري شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ سوڳوار آل مڪتوم خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي.