پارلياماني جمهوريت ۽ اختيارن جي ورڇ جو آئيني نظام قانون جي حڪمراني ۽ آئيني نظم ۽ ضبط جا بنيادي جز آهن: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پارلياماني جمهوريت ۽ اختيارن جي ورڇ جو آئيني نظام قانون جي حڪمراني ۽ آئيني نظم ۽ ضبط جا بنيادي جز آهن، جڏهن ته پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه پنهنجي پنهنجي دائري اختيار ۾ آئيني حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ مددگار ڪردار ادا ڪن ٿا. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب چيف جسٽس اهڙو اظهار …

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پارلياماني جمهوريت ۽ اختيارن جي ورڇ جو آئيني نظام قانون جي حڪمراني ۽ آئيني نظم ۽ ضبط جا بنيادي جز آهن، جڏهن ته پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه پنهنجي پنهنجي دائري اختيار ۾ آئيني حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ مددگار ڪردار ادا ڪن ٿا. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب چيف جسٽس اهڙو اظهار نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2027ع جي 123 رڪني وفد سان سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي چيف انسٽرڪٽر ميجر جنرل محمد شهزاد خان ڪئي. وفد ۾ هٿياربند فوج ۽ سول سروسز جا آفيسر، فيڪلٽي ميمبر جڏهن ته دوست ملڪن جا 27 نمائندا به شامل هئا. چيف جسٽس وفد جي آجيان ڪندي پارلياماني جمهوريت جي نمايان خاصيتن ۽ اختيارن جي ٽه ڌرئي ورڇ جي آئيني تصور تي روشني وڌي. هن آئيني حڪمراني ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه جي گڏيل تڪميلي ڪردار کي واضح ڪيو. هن عدالتي نظام جي درجابندي ۽ مختلف عدالتن جي دائري اختيار کان به وفد کي آگاهه ڪيو. چيف جسٽس اداره جاتي رابطاڪاري ۽ عدالتي شعبي ۾ سڌارن جو ذڪر ڪندي چيو ته نيشنل جڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي اعليٰ ترين پاليسي فورم آهي. هن عدالتي انفرا اسٽرڪچر جي بهتري، عوامي سهولت ۽ انصاف تائين پهچ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو جن ۾ بنارنڊڪ بجلي جي فراهمي، اي لائبريريز، پيڻ جو صاف پاڻي ۽ عدالتن سان رابطو ڪندڙ عورتن لاءِ بهتر سهولتون شامل آهن. هن صنفي حساسيت تي ٻڌل انصاف جي قدمن 27-2026ع تي پڻ روشني وجهندي عورتن لاءِ قائم ڪيل سهولت مرڪزن جي اهميت اجاگر ڪئي، جتي عورت درخواستگذارن کي هڪ ئي ڇت هيٺان ضروري سهولتون ۽ معاونت فراهم ڪئي وڃي ٿي، چيف جسٽس وفد جي ميمبرن سان سوال جواب جي ويهڪ به ڪئي، جنهن ۾ آئيني حڪمراني، عدالتي ادارن ۽ جاري سڌارن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بعد ۾ وفد سپريم ڪورٽ ميوزيم ۽ عدالت سان واڳيل ٽياڪڙي مرڪز جو پڻ دورو ڪيو ۽ عدالتي رڪارڊ، تاريخي دستاويزن ۽ اداري جي تاريخ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي چيف جسٽس پاڪستان ۽ وفد جي سربراهه وچ ۾ يادگاري تحفن جي پڻ ڏي وٺ ٿي.