بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان ساجد حسين طوري ۽ شاهه ذوالقرنين جي ملاقات، پورهيت طبقي جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن  سينيٽر روبينه خالد سان اڳوڻي اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ليبر ونگ خيبر پختونخوا جي صدر شاهه ذوالقرنين بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. بي آءِ ايس پي جي ترجمان مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، پارٽي جي تنظيمي سرگرمين، پورهيت طبقي جي مسئلن ۽ سماجي تحفظ سان لاڳاپيل …

اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن  سينيٽر روبينه خالد سان اڳوڻي اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ليبر ونگ خيبر پختونخوا جي صدر شاهه ذوالقرنين بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. بي آءِ ايس پي جي ترجمان مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، پارٽي جي تنظيمي سرگرمين، پورهيت طبقي جي مسئلن ۽ سماجي تحفظ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيٽر روبينه خالد چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مستحق ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پروگرام ۾ شفافيت، سهولت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مستحق عورتن تائين امداد جي رسائي کي وڌيڪ آسان بڻايو پيو وڃي. ملاقات ۾ پورهيت طبقي ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ سماجي تحفظ جي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ عوامي فلاح لاءِ گڏيل رابطن ۽ تعاون جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. اڳوڻي وفاقي وزير ساجد حسين طوري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ليبر ونگ خيبر پختونخوا جي صدر شاهه ذوالقرنين بي آءِ ايس پي جي قدمن کي ساراهيندي مستحق خاندانن تائين سهولتن جي فراهمي جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.