دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکنداسين: چين

بيجنگ-21 سيپٽمبر (اي پي پي) چين پاڪستان جي شهر ڪوهاٽ ۾ پوليس ڪئمپ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجياکون سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته چين 18 سيپٽمبر تي پاڪستان جي شهر ڪوهاٽ ۾ پوليس ڪئمپ تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو …

بيجنگ-21 سيپٽمبر (اي پي پي) چين پاڪستان جي شهر ڪوهاٽ ۾ پوليس ڪئمپ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجياکون سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته چين 18 سيپٽمبر تي پاڪستان جي شهر ڪوهاٽ ۾ پوليس ڪئمپ تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ زخمين سان همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردي انسان ذات جي گڏيل دشمن آهي. دهشتگردي خلاف جنگ سمورن ملڪن جي گڏيل مفادن مطابق آهي. هن چيو ته چين هميشه جيان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ سمورن ملڪن کي اپيل ڪري ٿو ته هو دهشتگردي جي خطرن جو گڏيل طور تي مقابلو ڪن ۽ عالمي سلامتي ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪن.