ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي صدارت ۾ پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تيارين بابت اجلاس منعقد

قمبر-شهدادڪوٽ 17 سيپٽمبر ( اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ جي صدارت هيٺ درٻار هال، ڊي سي آفيس قمبر ۾ 21 سيپٽمبر کان 24 سيپٽمبر 2026ع تائين هلندڙ پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تيارين بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ پوليو پروگرام سان لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران صحت کاتي جي …

قمبر-شهدادڪوٽ 17 سيپٽمبر ( اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ جي صدارت هيٺ درٻار هال، ڊي سي آفيس قمبر ۾ 21 سيپٽمبر کان 24 سيپٽمبر 2026ع تائين هلندڙ پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تيارين بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ پوليو پروگرام سان لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران صحت کاتي جي آفيسر پوليو مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهم دوران ضلعي جي سمورن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مقرر ڪيل ٽيمن کي مڪمل تربيت ڏني وئي آهي ۽ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. 

ڊاڪٽر فريد احمد لاڙڪ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ 1161 موبائيل، 38 فڪسڊ،38 ٽرانزٽ ٽيمون گهر گهر وڃي 5 سالن تائين جي عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پيارينديون ۽ ھن مهم دوران 371517 ٻارن جو مقرر ڪيل هدف آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪامران حسين مشتاق شيخ چيو ته پوليو جو مڪمل خاتمو قومي ذميواري آهي ۽ ان مقصد لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏيل ڪوششن سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن هدايت ڪئي ته مهم جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي ته جيئن مقرر ڪيل ٽارگيٽ آساني سان حاصل ڪري مهم کي ڪامياب بڻائي سگهجي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي 05 سالن تائين جي عمر وارن ٻارن کي لازمي طور پوليو جا ڦڙا پيارين ۽ کين  پوليو جهڙي موذي مرض کان مستقل تحفظ فراهم ڪري سگهجي.اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مهم دوران جوڙيل پلان تي مڪمل عمل، ٽيمون مقرر وقت تي  موجود هجن ۽ ھڪٻئي سان سھڪار کي يقيني بڻايو وڃي.ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر-شهدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو چيو ته اسان وڌ کان وڌ محنت ڪري مقرر ڪيل هدف حاصل ڪنداسين ۽ ٽيمن سان ھر وقت سھڪار ڪيو ويندو ته جيئن کين ڪا به پريشاني نه ٿئي ۽ ھن مهم کي ڪامياب بڻايو ويندو.

مزید خبریں