وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي منڊيءَ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ سادگي ۽ ڪفايت شعاري مهم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري عالمي منڊيءَ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ سادگي ۽ ڪفايت شعاري مهم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهو فيصلو اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ منعقد ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي تحفظ جي قدمن …

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري عالمي منڊيءَ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ سادگي ۽ ڪفايت شعاري مهم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهو فيصلو اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ منعقد ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي تحفظ جي قدمن تي اهم اجلاس ۾ ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان پوري دنيا مهانگائي جي لپٽ ۾ آهي، سڀ کان پهرين حڪومت ۽ اشرافيه کان قرباني جي شروعات ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ۽ وچولي طبي جي لاءِ فيول سبسڊي جي شروعات ٿي چڪي آهي، موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي گاڏين کي 100 رپيا في ليٽر جي تناسب سان سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم غيرضروري سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ قومي وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل ادارن کي ڪفايت شعاري قدمن تي موثر ۽ فوري عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي، ٻارڻ جي تحفظ ۽ سرڪاري وسيلن جي موثر استعمال جي لاءِ اضافي ڪفايت شعاري قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سرڪاري گاڏين جي لاءِ ٻارڻ ۾ ٽن مهينن جي لاءِ 50 سيڪڙو گهٽتائي جي قدم تي عملدرآمد جي منظوري ڏني وئي. ايمبولينسز، فائربرگيڊ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ضروري خدمتن جي گاڏين کي ان قدم کان ڇوٽ هوندي جڏهن ته انتظامي يا غيرآپريشنل نوعيت جي گاڏين جي لاءِ ڇوٽ جي اجازت نه هوندي. اجلاس ۾ مالي سال 27 – 2026ع جي نان اي آر اي بجيٽ ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي، سرڪاري سطح تي هر قسم جي نئين گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي ۽ آءِ ٽي بابت خريداري کانسواءِ سمورن پائيدار شين جي خريداري تي پڻ پابندي هنئي وئي. ٽن مهينن جي لاءِ سرڪاري دورن ۽ ٻاهرئين ملڪ سفري سرگرمين تي پڻ پابندي هنئي وئي. لازمي ٻاهرئين ملڪ دورن جي صورت ۾ وزير، صلاحڪار، مملڪتي وزير، خاص معاونين ۽ سرڪاري آفيسر اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪندا. اجلاس ۾ سرڪاري معاملن جي لاءِ وڊيو ڪانفرنسنگ ۽ ٽيلي ڪانفرنسنگ جي وڌ کان وڌ استعمال، سرڪاري آجياڻن جي انعقاد تي پابندي، سواءِ غيرملڪي وفدن جي اعزاز ۾ ضروري آجياڻن ۽ حڪومت جي اهتمام هيٺ سرڪاري سيمينارز، تربيتي پروگرامن ۽ ڪانفرنسن جي انعقاد ۾ غيرضروري خرچن کان پاسو ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ شادي ۽ ٻين تقريبن ۾ سنگل ڊش جي قدم تي پڻ عملدرآمد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، دڪانون، مارڪيٽس، شاپنگ مالز، بازار ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز رات 9 وڳي جڏهن ته شادي هالز ۽ ٻين تقريبن جون جايون رات 10 وڳي تائين بند ٿينديون. ريسٽورانٽس، ڪيفي، کاڌي پيتي جا مرڪز ۽ اسٽينڊ الون فروٽ ۽ ڀاڄين جي دڪانن جي لاءِ بندش جو وقت رات 11 وڳي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته فارميسيز، طبي مرڪزن، اسپتالن، بيڪرين، پيٽرول ۽ سي اين جي اسٽيشنز، اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز، جم، راندين جي سهولتن، آءِ ٽي ڪمپنين ۽ ڪال سينٽرز کي وقت جي پابندي کان ڇوٽ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪفايت شعاري ۽ ٻارڻ جي تحفظ جي قدمن جي نگراني جي لاءِ قائم ڪميٽي وزارتن، ڊويزنن، ادارن، سرڪاري ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کان عملدرآمد رپورٽس حاصل ڪندي، عدم تعميل ۽ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري سڌاراجاتي قدم تجويز ڪندي ۽ وزيراعظم کي هفتيوار اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته ڪفايت شعاري جي قدمن تي بنا ڪنهن فرق جي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ توانائي ۽ ٻارڻ جي تحفظ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم استعمال ۾ آندا وڃن. وفاقي حڪومت پاران مالي سال 27 – 2026ع ۾ اڳ کان لاڳو ڪفايت شعاري قدمن کي جاري رکڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي جڏهن ته اهي قدم وفاقي حڪومت سان واڳيل ادارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن، قانوني ادارن ۽ ريگيوليٽري اٿارٽيز تي پڻ لاڳو هوندا. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، علي پرويز ملڪ، عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.