آئين مان جمهوري حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واري شق 58 ٽو بي کي ختم ڪري پارليامينٽ کي بااختيار بڻايو ويو آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو-17 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي آئين ٺاهيندڙ جماعت آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي متفقه آئين ڏنو ۽ آئين ملڪ لاءِ هڪ روڊ ميپ آهي ان لاءِ ملڪ کي آئين تحت هلائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن لاڙڪاڻو بار ۾ پيپلز لايرس فورم پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو …

لاڙڪاڻو-17 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي آئين ٺاهيندڙ جماعت آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي متفقه آئين ڏنو ۽ آئين ملڪ لاءِ هڪ روڊ ميپ آهي ان لاءِ ملڪ کي آئين تحت هلائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن لاڙڪاڻو بار ۾ پيپلز لايرس فورم پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين تي ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن ۽ آئين ٺهڻ کان پوءِ به غير جمهوري حڪومتن آئين کي معطل ڪيو ۽ پي سي او آندو ويو پي سي او تحت عدالتن تي به حملا ڪيا ويا ۽ وڏي جدوجهد کان پوءِ 18 هين ترميم ذريعي آئين کي اصل حالت ۾ بحال ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته آئين مان جمهوري حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واري شق 58 ٽو بي کي ختم ڪرايو ويو آهي ۽ پارليامينٽ کي بااختيار بڻايو ويو آهي ۽ صدر پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪر رهيون آهن ۽ هر پنجن سالن کان پوءِ نئين حڪومت کي پرامن نموني اقتدار جي منتقلي ٿي رهي آهي. هن چيو ته آئين تحت صوبي جي حدن ۾ تبديلي ۽ نئون صوبو ٺاهڻ جو اختيار 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان صوبي جي اسيمبليءَ کي حاصل آهي ۽ آئين تحت سنڌ اسيمبليءَ اُهو اختيار استعمال ڪري متفقه قرارداد منظور ڪري نئين صوبي کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ کي نئون صوبو نه گهرجي. نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٺاهيا وڃن جيڪڏهن اتان جون صوبائي اسيمبليون نوان صوبا چاهن ٿيون. هن چيو ته سنڌ کي نئون صوبو نه گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ آئيني طور تي قرارداد منظور ڪري نئين صوبي کي رد ڪري ڇڏيو هن چيو ته صوبائي خودمختياري 1983ع ۾ ملڻي هئي جيڪا 2010ع ۾ وڏي انتظار کان پوءِ ملي آهي. هن چيو ته ايم آر ڊي ۾ اِهو عهد ڪيو ويو ته آئين کي بحال ڪرڻ لاءِ جيترا به سال لڳن پر آئين کي بحال ڪرائينداسين. هن چيو ته وڪيل آئين جي رکوالي ڪندڙن آهن ان لاءِ اسان سڀني تي فرض آهي ته آئين جي عزت ڪرايون. هن چيو ته آئين ۽ جمهوريت آهي ته سڀ ڪجهه آهي ۽ عوام جي عزت به هن ئي آئين ۽ جمهوريت ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جو تسلسل چاهيون ٿا ۽ جمهوريت جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ن ليگ جو حڪومت ٺاهڻ ۾ ان لاءِ ساٿ ڏنو ته جيئن پارليامينٽ هلي سگهي. هن چيو ته آئين ۽ جمهوريت جي تسلسل لاءِ پيپلز پارٽيءَ مسلم ليگ ن جو حڪومت سازيءَ ۾ ساٿ ڏنوآهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي مسلم ليگ ن جو حڪومت سازيءَ ۾ ساٿ نه ڏئي ها ته ڪنهن به جماعت وٽ وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ عددي اڪثريت نه هئي ۽ پوءِ ٻيهر ملڪ چونڊن جو متحمل نه پيو ٿي سگهي. ان موقعي تي بار جي تقريب کي ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لُهر، ضلع ڪونسل لاڙڪاڻو جي چيئرمين ايڊووڪيٽ اعجاز احمد لغاري، پيپلز لائرس فورم سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عنايت الله موريو، ايڊووڪيٽ علي نواز گهانگهرو، ڊپٽي ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ امين شيخ پڻ خطاب ڪيو.

مزید خبریں