ڪراچي -17 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ امدادي پيڪيج کي وڌائڻ، زمين جي مالڪي جي حقن جي اليڪٽرانڪ منتقلي لاءِ ڊجيٽل ۽ بلاڪ چين تي ٻڌل نظام شروع ڪرڻ ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايڇ) ڪراچي ۾ 13 ماڙ، 445 بسترن واري بلقيس ۽ عبدالستار ايڌي ميڊيڪل …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس، ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ امدادي پيڪيج کي وڌائڻ جي منظوري

مزید خبریں
ڪراچي -17 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ امدادي پيڪيج کي وڌائڻ، زمين جي مالڪي جي حقن جي اليڪٽرانڪ منتقلي لاءِ ڊجيٽل ۽ بلاڪ چين تي ٻڌل نظام شروع ڪرڻ ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايڇ) ڪراچي ۾ 13 ماڙ، 445 بسترن واري بلقيس ۽ عبدالستار ايڌي ميڊيڪل ٽاور جي تعمير سميت ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي.وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس دوران 23 ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو.ڪابينا زراعت واري وزير محمد خان بخش مهر جي سربراهيءَ ۾ قائم وزيرن جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ وڌايل امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني. منظور ٿيل طريقيڪار تحت اهل آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ يا منظور ٿيل متبادل جي خريداري لاءِ مقرر سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ فراهم ڪندڙ آبادگارن لاءِ ڪڻڪ جي مقدار جي بنياد تي اضافي سبسڊي ڏني ويندي.ڪابينا خوراڪ کاتي کي فراهم ڪيل ڪڻڪ تي اضافي ترغيب 1,000 رپين مان وڌائي 2,000 رپيا في مڻ ڪري ڇڏي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اميد آهي ته پيڪيج مان سڄي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 5 لک 50 هزار ڪڻڪ آبادگار فائدو حاصل ڪري سگهندا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل خريداري واري سيزن دوران 56,741 آبادگارن خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ فراهم ڪئي، جيڪا 413,507 ايڪڙن تي پوکيل هئي، جڏهن ته آبادگارن طرفان 20 لک 40 هزار مڻ کان وڌيڪ ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي.منظور ٿيل سبسڊي پيڪيج جي لاڳت جو ڪاٿو لڳ ڀڳ 14.9 ارب رپيا آهي، جڏهن ته خوراڪ کاتي کي فراهم ڪيل ڪڻڪ تي وڌايل ترغيب سان مجموعي بجيٽ لڳ ڀڳ 16 ارب رپين تائين پهچي سگهي ٿي.وڏي وزير سنڌ هاري سپورٽ پروگرام تحت 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ ڪڻڪ آبادگارن جي نئين سر رجسٽريشن جي هدايت ڪئي. اڳ ۾ موجود فائدو وٺندڙن جي روينيو کاتي ذريعي ٻيهر تصديق ڪئي ويندي، جڏهن ته نون درخواستگذارن جي رجسٽريشن جديد ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي ڪئي ويندي.سبسڊي جي رقم سڌي ريت سنڌ بئنڪ ذريعي آبادگارن جي بينظير هاري ڪارڊ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي ويندي.ڪابينا مالي ۽ انتظامي مشاورت مڪمل ڪرڻ لاءِ سال 2026-27ع جي ڪڻڪ جي امدادي قيمت بابت فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.صوبائي ڪابينا ضلعي مٽياري جي ديهه مٽياري ۽ ديهه پليجاڻي ۽ ضلعي سکر جي ديهه باگيرجي ۾ ”ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽرانسفر آف ٽائيٽل سسٽم“ جي پائلٽ بنياد تي شروعات جي منظوري ڏني.بورڊ آف روينيو جي سهڪار سان سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پاران تيار ڪيل نظام تحت ٽنهي پائلٽ ديهن جو هٿ سان تيار ڪيل زميني رڪارڊ 100 سيڪڙو ڊجيٽل ڪيو ويو آهي.نئين نظام تحت ملڪيت جي حقن جي اليڪٽرانڪ منتقلي لاءِ محفوظ، ون ونڊو ۽ بغير روبرو ٿيڻ وارو طريقو متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان دستاويزن جي رجسٽريشن ۽ ملڪيت جي منتقلي وارو موجوده طريقيڪار جديد ڊجيٽل نظام سان تبديل ٿيندو.نظام کي ايف بي آر، نادرا ۽ سنڌ اي-اسٽيمپنگ سسٽم سان ڳنڍيو ويو آهي. زمين جا مالڪ محفوظ آن لائن پورٽل ذريعي پنهنجي زميني رڪارڊ تائين مفت رسائي حاصل ڪري سگهندا ۽ ملڪيت خريد، وڪرو، تحفي يا ٻين قانوني طريقن سان اليڪٽرانڪ طريقي سان منتقل ڪري سگهندا.بايو ميٽرڪ تصديق لاءِ صرف هڪ ڀيرو جسماني طور وڃڻو پوندو، جنهن کانپوءِ باقي عمل ڊجيٽل نظام ذريعي مڪمل ڪري سگهجي ٿو.هر ملڪيت لاءِ ”پراپرٽي ڪارڊ“ پڻ جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته سمورن ضلعن ۾ قائم پيپلز سروس سينٽرز زمين مالڪن کي رجسٽريشن، بايو ميٽرڪ تصديق ۽ ٻين ضروري مرحلن ۾ سهولت فراهم ڪندا.ڪابينا عبدالستار ايڌي فائونڊيشن سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اين آءِ سي ايڇ ڪراچي ۾ 13 ماڙ، 445 بسترن واري بلقيس ۽ عبدالستار ايڌي ميڊيڪل ٽاور جي تعمير جي منظوري پڻ ڏني.وڏي وزير موجب 17 ملين ڊالرن جي منصوبي لاءِ 10 ملين ڊالر ايڌي فائونڊيشن ۽ 7 ملين ڊالر سنڌ حڪومت فراهم ڪندي. سنڌ حڪومت جي گرانٽ مالي سال 2026-27ع ۽ 2027-28ع دوران ٻن برابر قسطن ۾ جاري ڪئي ويندي.منصوبي جي نگراني، مالي شفافيت ۽ سرڪاري فنڊن جي استعمال جي مانيٽرنگ لاءِ فيصل ايڌي جي سربراهيءَ ۾ پروجيڪٽ سپروائزري ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي.ڪابينا سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس (اڏاوت، ڪم ۽ اختيار) ترميمي بل 2026ع جي مسودي جي منظوري ڏني.ترميم تحت ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر (BS-18)، ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر (BS-19)، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل (BS-18) ۽ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل (BS-19) جون پوسٽون سڌي ڀرتي بدران ترقي ذريعي ڀريون وينديون.اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل (BS-17) جون پوسٽون داخلا سطح جون پوسٽون رهنديون ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سڌي ڀرتي ٿيندي.صوبائي ڪابينا سنڌ اسپورٽس پاليسي جي پڻ منظوري ڏني، جنهن جو مقصد ”سڀني لاءِ رانديون“ جي ويزن تحت راندين لاءِ جامع ماحول فراهم ڪرڻ آهي.پاليسي تحت ٽيلنٽ جي سڃاڻپ، برابري جا موقعا، تعليمي ادارن ۾ جسماني تعليم جي بحالي، ڊويزنل اسپورٽس سٽيز، ضلعي اسپورٽس ڪمپليڪس، تعلقي سطح جون گهڻ مقصد سهولتون، اسپورٽس هاسٽلز، اڪيڊميون ۽ اسپورٽس سائنس ۽ اينٽي ڊوپنگ سهولتون قائم ڪرڻ شامل آهن.ڪابينا نظرثاني ٿيل نيشنل ايڊوليسنٽ اينڊ يوٿ پاليسي بابت سنڌ جي راءِ جي به منظوري ڏني.ڪابينا سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن ايڪٽ 2025ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني، جڏهن ته قلندر شهباز يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ترميمي بل 2026ع پڻ منظور ڪيو ويو.ترميم تحت يونيورسٽي جو قانوني مقام ٽنڊو محمد خان مان ڪراچي منتقل ڪرڻ، گورننس ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت، ڊيٽا اينالائيٽڪس، روبوٽڪس ۽ سسٽينبل سائنسز سميت نوان شعبا شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ڪابينا سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) کي طبي سامان جي درآمد تي 555.13 ملين رپين جي انفراسٽرڪچر سيس کان ڇوٽ جي توثيق ڪئي.ڇوٽ تحت مئي کان سيپٽمبر 2026ع دوران ڪليئر ٿيل 154 ڪنسائنمينٽس شامل آهن، جن جي گڏيل ماليت لڳ ڀڳ 30.07 ارب رپيا ٻڌائي وئي.ڪابينا موٽر گاڏين تي ايڊوانس ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل ويلو ٽيڪس جي وصولي جي بحالي کي ايف بي آر کان واجب الادا ريفنڊ جي وصولي ۽ لاڳاپيل مالي ۽ قانوني معاملن جي حل سان مشروط رکيو.صوبائي حڪومت باقي 10 ارب رپين جي ريفنڊ جي ادائيگي ۽ بقايا دعوائن بابت حتمي طريقيڪار طئي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ڪابينا هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ ”پريوينشن آف ڊيفيسمنٽ آف پراپرٽي ايڪٽ 2013ع“ جو انتظام گهرو کاتي مان منتقل ڪري لوڪل گورنمينٽ اينڊ هائوسنگ ٽائون پلاننگ کاتي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني.ان کانسواءِ ڄامشورو ۾ تعلقي ڪوٽڙي جي ديهه سونولهر ۾ 20 هزار چورس فوٽ زمين انٽيليجنس بيورو کي آفيس جي تعمير لاءِ 99 سالن جي ليز تي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا وفاقي حڪومت جي مالي سهڪار سان هلندڙ ”پي ايم فيول ريليف اسڪيم 2026ع“ جي سنڌ ۾ عملدرآمد جو جائزو ورتو.اسڪيم تحت اهل ٻن ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين جي استعمال ڪندڙن کي 100 رپيا في ليٽر ريليف فراهم ڪيو ويندو، جنهن جي حد هفتي ۾ 5 ليٽر ۽ مهيني ۾ 20 ليٽر آهي.800 سي سي تائين نجي گاڏين لاءِ هر 10 ڏينهن ۾ 10 ليٽر ۽ مهيني ۾ وڌ ۾ وڌ 30 ليٽر تائين ريليف مقرر ڪيو ويو آهي.رجسٽريشن لاءِ 9771 تي ايس ايم ايس موڪلڻ کانپوءِ فيول پاس ايپ ذريعي واؤچر حاصل ڪري سگهجي ٿو.ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 67 لک 60 هزار گاڏيون امڪاني طور اسڪيم لاءِ اهل آهن، جن ۾ 55 لک 10 هزار موٽرسائيڪلون، 338,344 ٽن ڦيٿن واريون گاڏيون ۽ 909,436 ننڍيون ڪارون شامل آهن.سنڌ حڪومت اسڪيم بابت عوامي آگاهي وڌائڻ تي اتفاق ڪندي وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته مقامي ٻولين ۾ ٻه ٻوليائي سائن بورڊ لڳايا وڃن ۽ اسڪيم ۾ شامل فيول اسٽيشنن جي مڪمل فهرست پڻ جاري ڪئي وڃي.










