اسحاق ڊار پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس دوران پاڪستان جي فعال شرڪت لاءِ ويجهن رابطن ۽ تياري کي يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد - 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هدايت ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس دوران پاڪستان جي فعال شرڪت لاءِ ويجهن رابطن ۽ تياري کي يقيني بڻايو وڃي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين …

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هدايت ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس دوران پاڪستان جي فعال شرڪت لاءِ ويجهن رابطن ۽ تياري کي يقيني بڻايو وڃي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن جي خاص سيڪريٽري نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي تجويز ڪيل پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏني، جنهن ۾ اعليٰ سطح جي مصروفيتن، ٻطرفي ملاقاتن کانسواءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ٻيون اهم مصروفيتون شامل هيون. سينيٽر اسحاق ڊار تجويز ڪيل پروگرام جو جائزو ورتو، ان جي ترجيحن ۽ انتظامن جي باري ۾ رهنمائي فراهم ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي اجلاس دوران پاڪستان جي فعال شرڪت لاءِ ويجهي رابطي ۽ تياري کي يقيني بڻايو وڃي.