ارمچي -15 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان ڊجيٽل معيشت کي رڳو ٽيڪنالاجي جي شعبي تائين محدود نٿو سمجهي پر ان کي جامع معاشي تبديلي جي ايجنڊا طور اڳيان وڌائي رهيو آهي، جنهن تحت روانگي واپار، پيداوار، جدت، سيڙپڪاري ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هو اڱاري تي چين جي شهر ارومچي …
پاڪستان ڊجيٽل معيشت کي جامع معاشي تبديلي جي ايجنڊا طور اڳيان وڌائي رهيا آهيون: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
ارمچي -15 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان ڊجيٽل معيشت کي رڳو ٽيڪنالاجي جي شعبي تائين محدود نٿو سمجهي پر ان کي جامع معاشي تبديلي جي ايجنڊا طور اڳيان وڌائي رهيو آهي، جنهن تحت روانگي واپار، پيداوار، جدت، سيڙپڪاري ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هو اڱاري تي چين جي شهر ارومچي ۾ 2026 شنگهائي تعاون تنظيم جي ڊجيٽل اڪانامي فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊجيٽل صارفين جو انگ 15 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته گذريل ٻن سالن دوران ڊيٽا جي استعمال ۾ اٽڪل 25 سيڪڙو اضافو ٿيو، ملڪ ۾ فائبر ڪنيڪشنز اٽڪل 30 لک مان وڌي 50 لک تائين پهچي چڪا آهن ۽ وائزڊ برانڊ بينڊ کي هڪ ڪروڙ گهراڻن تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ موبائيل انٽرنيٽ جي استعمال ۾ صنفي فرق 35 سيڪڙو مان گهٽجي صرف 8 سيڪڙو رهجي ويو آهي جڏهن ته عورتن جي موبائيل انٽرنيٽ استعمال جي شرح 33 سيڪڙو مان وڌي 45 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ترقي ۾ عورتن جي ڀرپور شموليت اڻٽر آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي ڊجيٽل تبديلي جيڪا عورتن کي پوئتي ڇڏي ڏئي اها نه معاشي طور تي موثر ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي سماجي طور تي منصفاڻي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪسان جو آءِ ٽي ۽ آءِ سي ٽي روانگي واپار گذريل مالي سال رڪارڊ 4.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. ايندڙ هدف رڳو سروسز جو روانگي واپار ناهي پر ٽيڪنالاجي مصنوعات، ڊجيٽل پليٽ فرمز ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل صنعتن کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته اڏام پاڪستان تحت 2035ع تائين هڪ کرب ڊالر جي معيشت جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار، پيداوار، جدت، سيڙپڪاري ۽ انساني وسيلن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اڏام پاڪستان جي پنجن بنيادي ٿنڀن ۾ شامل اي پاڪستان ڊجيٽل تبديلي کي معاشي ترقي جو اهم جز قرار ڏئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، سيمي ڪنڊڪٽرز، جديد صنعت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ پنهنجون صلاحيتون وڌائي رهيو آهي، تحقيق، هنرمندي، نوان ڪاروبار ۽ صنعت کي مربوط ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ ست مصنوعي ذهانت مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن وٽ وڏيون مارڪيٽون، توانائي ۽ معدني وسيلا، سائنسي صلاحيتون ۽ نوجوان افرادي قوت جو بي مثال سرمايو موجود آهي، اسان کي ٽيڪنالاجي جو رڳو صارف نه پر ڊجيٽل مستقبل جو تخليقڪار بڻجڻو پوندو. هن چيو ته سي پيڪ 2.0 تحت چين پاڪستان تعاون ترقي، روزگار، جدت، گرين انرجي ۽ علائقائي رابطن جي پنجن اهم شعبن تي ٻڌل آهي، سي پيڪ 2.0 ۽ خصوصي اقتصادي زونز چيني ٽيڪنالاجي ۽ پاڪستاني ڪاروباري صلاحيت کي علائقائي مارڪيٽن سان جوڙي سگهي ٿو. وفاقي وزير ايس سي او تحت مصنوعي ذهانت جي بنيادي ڍانچي ۽ طرز حڪمراني جي گڏيل نظام جي تجويز به پيش ڪئي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۾ گڏيل تحقيق، ڪيترائي لساني ماڊلز، يونيورسٽين وچ ۾ شراڪتداري ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته فورم جي ڪامياب جو اصل پئمانو صرف اعلان ناهي پر ان سبب پيدا ٿيندڙ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي شراڪتداري ۽ روزگار جا موقعا آهي. هن چيو ته پاڪستان، چين ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان گڏجي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.









