اسلام آباد _ 15 سيٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جهموريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي جهموريت پسند عوام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته قاعداعظم محمد علي جناح جو ويزن هڪ جهموري ، پارلياماني ۽ عوامي پاڪستان هو .پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جو آئين ڏئي ملڪ ۾ جهموري نظام جو مضبوط بنياد …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن پاران جهموريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي جهموريت پسند عوام کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد _ 15 سيٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جهموريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي جهموريت پسند عوام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته قاعداعظم محمد علي جناح جو ويزن هڪ جهموري ، پارلياماني ۽ عوامي پاڪستان هو .پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جو آئين ڏئي ملڪ ۾ جهموري نظام جو مضبوط بنياد رکيو جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهموريت ، عوامي حقن ۽ عورتن جي بااختياري لاءِ تاريخ ساز جدوجهد ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي جهموري سفر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن ۽ جهموريت رڳو ووٽ جو نالو ناهي پر عوام کي بااختيار بڻائڻ ، برابر موقعن ۽ بنيادي حقن جي ضمانت جو نظام آهي . سينيٽر روبينه خالد چيو ته انڪم سپورٽ پروگرام جهموريت جا ثمر مستحق ۽ ڪمزور طبقي تائين پهچڻ جو عملي مثال آهي جڏهن ته مضبوط جهموريت ئي سماجي انصاف ، معاشي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي ضامن آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته جهموري ادارن جو استحڪام ، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آئين جي حڪمراني لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.









