سرڪاري ملڪيت ادارن ۾ سڌارن جو عمل موثر نگراني، شفافيت، بهتر طرز حڪمراني ۽ عملي قدمن ڏانهن گامزن آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته سرڪاري ملڪيتي ادارن (ايس او ايز) ۾ سڌارن جو عمل مسئلن جي نشاندهي سان اڳيان وڌندي موثر نگراني، شفافيت، بهتر طرز حڪمراني ۽ عملي قدمن طرف گامزن آهي. گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ ايس او ايز جي ڪارڪردگي سان اهم اڳڀرائي جي عڪاسي ٿي رهي آهي.  اڱاري تي سماجي رابطن …

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته سرڪاري ملڪيتي ادارن (ايس او ايز) ۾ سڌارن جو عمل مسئلن جي نشاندهي سان اڳيان وڌندي موثر نگراني، شفافيت، بهتر طرز حڪمراني ۽ عملي قدمن طرف گامزن آهي. گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ ايس او ايز جي ڪارڪردگي سان اهم اڳڀرائي جي عڪاسي ٿي رهي آهي.  اڱاري تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ سرڪاري ادارن مجموعي طور تي 423.3 ارب روپيا منافعو حاصل ڪيو. خساري ۾ هلندڙ  ادارن کي 342.8 ارب روپين جي مجموعي خساري کي منهن ڏيڻو پيو. سرڪاري ادارن پاران حڪومت کي مجموعي طور 839  ارب روپيا فراهم ڪيا ويا جڏهن ته حڪومت انهن ادارن کي 804 ارب روپين جي مدد فراهم ڪئي. اهڙي طرح سرڪاري ادارن پاران حڪومت کي مجموعي طور تي 35 ارب روپين جو مثبت خالص مالي وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته جڏهن سرڪاري ڪاروباري ادارن جي هڪ حصي ۾ خساري ۽ ڍانچه جاتي نوعيت جا مسئلا موجود آهن، ته حڪومت انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪارڪردگي، جوابدهي ۽ فيصلائتن قدمن تي ٻڌل سڌارن جي پروگرام تي نظر رکي آهي. سڌارن جي پروگرام تحت سرڪاري ادارن جي دائرڪار  کي انفرادي ادارن جي واپاري سگهه ۽ اسٽريٽجڪ اهميت کي نظر ۾ رکندي محدود، نئين سر منظم، ۽ نجي شعبي کي منتقل ڪيا پيا وڃن. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جون سرگرميون بند ڪيون ويون آهن جڏهن ته پاسڪو کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو عمل جاري آهي، فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري مڪمل ٿي چڪي آهي، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ۾ ڪيترن ئي شيئرز جي نجڪاري جو عمل جاري آهي. لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني کي به نجڪاري لاءِ اڳيان وڌايو پيوو ڃي. وڌيڪ سرڪاري ادارن جي نئين سر تنظيم سازي ۽ نجڪاري جا قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت جو بنيادي اصول اهو آهي ته جتي نجي شعبو ڪنهن ڪاروباري سرگرمي کي وڌيڪ موثر انداز ۾ هلائي سگهي ٿو اتي حڪومت کي ڪاروبار ۾ موجود نه رهڻ گهرجي، اهي سرڪاري ادارا جيڪي عوامي شعبي ۾ برقرار رکيا ويندا، انهن کي پيشيواراڻي طرز حڪمراني، مالياتي نظم و ضبط ۽ نتيجن جي بنياد تي جوابدهي جو پابند بڻايو ويندو، سرڪاري ادارن ۾ شفافيت ۽ احتساب جي نظام کي به وڌيڪ مضبوط ڪيو پيوو ڃي. هن چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن جي بورڊز جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، مالياتي رپورٽنگ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪاروباري منصوبن تي موثر نگراني لاءِ به قدم کڻي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ گردشي قرضن، انتظامي ۽ آپريشنل ڪمزورين ۽ ٻين مالياتي خطرن کي منهن ڏيڻ تي به ڌيان  ڏنو پيو وڃي. سرڪاري ادارن جي سڌارن جو بنيادي مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته قومي اثاثا عوامي خزاني تي مستقل بار بڻجڻ بدران ملڪي معيشت لاءِ قدر ۽ معاشي فائدا پيدا ڪن. هن چيو ته حڪومت جي سڌارن جي حڪمت عملي جو محور سرڪاري ادارن جو محدود دائريڪار، مضبوط طرز حڪمراني، وڌيڪ شفافيت ۽ بهتر ڪارڪردگي آهي جنهن جو مقصد سرڪاري   اثاثن کي قومي معيشت لاءِ وڌيڪ موثر ۽ نتيجه ڏيندڙ بڻائڻ آهي.