اسلام آباد _15 سيٽمبر (اي پي پي ) ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پاڪستان آٽومينيوفيڪچررز ايسوسي ايشن مطابق جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ، جولاءِ ۽ آگسٽ دوران ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جا 123 يونٽس وڪرو ٿيا جيڪي گذريل مالي سال جي ان مدي دوران وڪرو ٿيل 65 يونٽس جي ڀيٽ ۾ 89 سيڪڙو وڌيڪ آهن. انگن اکرن …
ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ جاري مالي سال دوران اضافو ٿيو آهي: رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد _15 سيٽمبر (اي پي پي ) ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پاڪستان آٽومينيوفيڪچررز ايسوسي ايشن مطابق جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ، جولاءِ ۽ آگسٽ دوران ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جا 123 يونٽس وڪرو ٿيا جيڪي گذريل مالي سال جي ان مدي دوران وڪرو ٿيل 65 يونٽس جي ڀيٽ ۾ 89 سيڪڙو وڌيڪ آهن. انگن اکرن مطابق صرف آگسٽ دوران ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جا 75 يونٽس وڪرو ٿيا جڏهن ته جولاءِ ۾ اهو انگ 48 يونٽس هو. ائين ماهوار بنيادن تي وڪري ۾ 56 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو . پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي مارڪيٽ اڃان تائين شروعاتي مرحلي ۾ آهي پر وڪري جي وڌندڙ انگن اکرن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته صارفين جو هڪ وڏو انگ روايتي گاڏين جي متبادل طور برقي گاڏين طرف اچي رهيو آهي . ٻارڻ جون وڌيل قيمتون ، گاڏين جا گهٽ آپريٽنگ خرچ ، ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ۽ جديد ٽيڪنالاجي اليڪٽرڪ گاڏين طرف صارفين جو ڌيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو .








