گڏيل قومون _15 سيٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ خبردار ڪيو آهي ته جديد مصنوعي ذهانت (اي آءِ ) تيار ڪندڙ ڪمپنين جي رضاڪاراڻي پاڻ نگراني موجوده نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙو ڀاڻ ڀري اي آءِ ماڊلز کي انساني حفاظتي نظام کان بچي نڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ناڪافي آهي. هن هڪ خط ۾ چيو ته وڌيڪ طاقتور اي آءِ جي ڊوڙ …
مصنوعي ذهانت جي امڪاني تباهي جي خطري کي روڪڻ لاءِ ضابطا ضروري آهن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون _15 سيٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ خبردار ڪيو آهي ته جديد مصنوعي ذهانت (اي آءِ ) تيار ڪندڙ ڪمپنين جي رضاڪاراڻي پاڻ نگراني موجوده نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙو ڀاڻ ڀري اي آءِ ماڊلز کي انساني حفاظتي نظام کان بچي نڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ناڪافي آهي. هن هڪ خط ۾ چيو ته وڌيڪ طاقتور اي آءِ جي ڊوڙ اسان جي زندگي جي هر شعبي لاءِ امڪاني تباهي جوڳي خطرن ۾ نمايان اضافي جو سبب بڻجي رهي آهي. وولڪر ترڪ فرنٽيئر اي آءِ ڪمپنين جي ميزباني ڪندڙ ملڪن تي زور ڀريو ته هو انهن ڪمپنين جي ڪم جي حوالي سان ضابطا وڌيڪ سخت ڪن جن ۾ ڪمپنين لاءِ سنگين واقعن جي رپورٽنگ، اي آءِ جي صلاحيتن جي تصديق ۽ انساني حقن بابت احتياطي جائزو لازمي قرار ڏيڻ شامل آهي. هن ميمبر ملڪن کان به مطالبو ڪيو ته اي ءِ جي عالمي نظم وضبط جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ گهڻ رخي ادارن ذريعي گڏجي ڪم ڪن. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته ڪو هڪ ملڪ اڪيلو ان ٽيڪنالاجي کي منظم نٿو ڪري سگهي ۽ ڪنهن ڪمپني کي اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار نه هجڻ گهرجي ته دنيا کي ڪهڙا خطرا قبول ڪرڻ گهرجن. هن اي آءِ ڪمپنين طرفان رضاڪاراڻي ضابط سازي سان گڏوگڏ حڪومتي سطح تي فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته دنيا جي سرگرم فرنٽيئر اي آءِ ڪمپنين جي ميزباني ڪندڙ رياستن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو ڪمپنين کي ذميواراڻي طرز عمل اختيار ڪرڻ جو پابند بڻائين ۽ ڀڃڪڙي جي صورت ۾ کين جواب ده قرار ڏين. وولڪر ترڪ چيو ته موجوده نسل بعد جواني ۾ داخل ٿيندڙ نسل انهن فيصلن جو نتيجو ڀوڳيندو جن ۾ انهن جي ڪا راءِ شامل ناهي، ان لاءِ اي آءِ بابت فيصلا شفاف انداز ۽ انساني حقن کي سامهون رکندي ڪرڻ گهرجن.











