اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اوليو ڪلچر پراجيڪٽ جي اڳڀرائي ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس ۾ پراجيڪٽ هيڊ ڊاڪٽر محمد طارق ٽيم جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جامع قومي اوليو ويليو چين کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان قدمن جو به جائزو ورتو ويو. وزارت جي پڌرائي موجب وفاقي …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ اوليو ڪلچر پراجيڪٽ ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اوليو ڪلچر پراجيڪٽ جي اڳڀرائي ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس ۾ پراجيڪٽ هيڊ ڊاڪٽر محمد طارق ٽيم جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جامع قومي اوليو ويليو چين کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان قدمن جو به جائزو ورتو ويو. وزارت جي پڌرائي موجب وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته زيتون جي پيداوار کي صرف وڻڪاري تائين محدود رکڻ بدران پيداوار، ايڪسٽريڪشن، پروسيسنگ، ذخيرو، پيڪيجنگ، معيار جي جاچ پڙتال ۽ مارڪيٽنگ تي ٻڌل مڪمل ويليو چين قائم ڪيو وڃي، جنهن جو بنيادي فائدو هارين کي پهچڻ گهرجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نظرثاني ٿيل منصوبي تحت 3 سالن دوران اٽڪل 15 هزار ايڪڙن تي وڻڪاري ۽ 20 لک زيتون جي ٻوٽن جي فراهمي جو هدف آهي. وفاقي وزير پراجيڪٽ ٽيم کي ڪلسٽرز جي بنياد تي حقيقت پسنداڻا هدف مقرر ڪرڻ، وڻڪاري ۽ ٻوٽن جي دستيابي وڌيڪ وڌائڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. راڻا تنوير حسين پوٺوهار جي زيتون جي موجوده صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ تي زور ڀريندي ان کي منصوبي ۾ مناسب طور شامل ڪرڻ جي طريقيڪار جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. هن زيتون جي شعبي ۾ پروسيسنگ، انفرااسٽرڪچر ۽ ويليو ايڊيشن لاءِ نجي شعبي جي شموليت کي به ضروري قرار ڏنو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته زيتون جي ڪلسٽرز ۾ ايڪسٽريڪشن ۽ پوسٽ هارويسٽ سهولتن جي مناسب دستيابي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته معيار، ذخيرو ۽ ٽيسٽنگ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي. هن زيتون جي ضمني جُزن خاص ڪري پوميس کي واپاري طور تي استعمال ڪرڻ جي امڪانن جو به جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. راڻا تنوير حسين مشينري جي ضرورتن ۽ خرچن کي حقيقت پسنداڻي بنيادن تي ٻيهر جانچڻ ۽ پئماش جوڳن هدفن تي ٻڌل واضح عملدرآمد تي ٻڌل منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اوليو پروگرام کي قومي اوليو ويليو چين جو بنياد بڻائيندي پاڪستان جي وڌندڙ زيتون جي صلاحيت کي هارين جي آمدني ۾ اضافي، ويليو ايڊيشن، معياري شين ۽ هڪ پائيدار اوليو انڊسٽري ۾ تبديل ڪيو ويندو.










