اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي چيئرمين شعيب حسين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خيبر پختونخوا ۾ اسٽيٽ لائف جي مختلف شعبن ذريعي عوام کي فراهم ڪيل سهولتن جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۽ خدمتن کي موثر بڻائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن گورنر هائوس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ صحت جي شعبي …
خيبر پختونخوا جي گورنر سان اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي چيئرمين شعيب حسين جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي چيئرمين شعيب حسين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خيبر پختونخوا ۾ اسٽيٽ لائف جي مختلف شعبن ذريعي عوام کي فراهم ڪيل سهولتن جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۽ خدمتن کي موثر بڻائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن گورنر هائوس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خيبرپختونخوا جي گورنر عوامي ڀلائي لاءِ اسٽيٽ لائف جي خدمتن کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ادارو مستقبل ۾ به صوبي جي عوام کي بهتر ۽ معياري سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو.










