اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اٽڪل 70 لک پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن طرفان موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو قومي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهي، ان لاءِ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي حقن، عزت ۽ ڀلائي ۽ ترقي جو تحفظ رياست جي ذميواري ۽ قومي فرض آهي، پاڪستان ۾ مائيگريشن گورننس جي …
پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان ملڪ موڪليل ناڻو قومي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهي، انهن جي حقن، عزت ۽ ڀلائي ۽ ترقي جو تحفظ رياست جي ذميواري ۽ قومي فرض آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اٽڪل 70 لک پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن طرفان موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو قومي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهي، ان لاءِ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي حقن، عزت ۽ ڀلائي ۽ ترقي جو تحفظ رياست جي ذميواري ۽ قومي فرض آهي، پاڪستان ۾ مائيگريشن گورننس جي حوالي سان پهرين پارلياماني ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستاني پورهيتن جي حقن جو تحفظ، قانوني ذريعي لڏپلاڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ محفوظ، منظم ۽ باقاعده لڏپلاڻ يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم ضروري آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ڪائونسل پرستي، اسلامو فوبيا ۽ ٻين تعصبن کان تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي. رياست جي ذميواري آهي ته مشڪل ۽ ضرورت وقت پنهنجي شهرين سان گڏ بيهي جڏهن ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پارلياماني رابطه ڪاري کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. هن چيو ته مائيگريشن گورننس سياسي وابستگين کان مٿانهون هڪ اهم قومي مسئلو آهي جيڪو سڄي ملڪ جي لکين خاندانن کي متاثر ڪري ٿو، ان لاءِ سياسي پارٽين وچ ۾ وسيع تر پارلياماني اتفاق راءِ ضروري آهي. ثبوتن تي ٻڌل قانونسازي، اداره جاتي ڳالهين ۽ پارلياماني ڪميٽين ۽ لاڳاپيل رياستي ادارن وچ ۾ مضبوط رابطا ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني موسمياتي تبديلي ۽ لڏپلاڻ جي وڌندڙ تعلق تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته موسمياتي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ جبري لڏپلاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ موثر حڪمت عملي ضروري آهي، جڏهن ته عالمي موسمياتي مالي مدد خاص ڪري گرانٽس جي صورت ۾ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اعتماد جوڳن انگن اکرن، تحقيق ۽ مسلسل ڳالهين سان مائيگريشن گورننس کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو. پارلياماني ڳالهين کي مستقل پارلياماني قدمن طور جاري رکڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ سفارشن کي موثر قانونسازي ۽ پاليسي قدمن ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي تحفظ، عزت، حقن ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا ۽ مائيگريشن گورننس جي حوالي سان پارلياماني ڳالهين کي پائيدار ۽ موثر عمل ۾ تبديل ڪيو وڃي.










