نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران لبنان جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد - 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لبنان جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت اچڻ تي لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي …

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لبنان جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت اچڻ تي لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان گڏ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لبنان جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ تعاون ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيرن پاڪستان – لبنان لاڳاپن ۽ قانون لاڳو ڪرڻ ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سزا يافته ماڻهن جي منتقلي بابت معاهدي تي صحيحن کي ٻطرفي قانوني تعاون ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي معاهدي جي آجيان ڪئي. هن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. لبنان جي وزير احمد الحجار علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں