ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي، ايم ٽو ۽ بينڪن جي کاتن ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو ٿيو آهي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي)  ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي، ايم ٽو ۽ بئنڪن جي کاتن ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب 4 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11.77 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جنهن ۾ گردشي ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11.67 ٽرلين رپيا رهيو …

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي)  ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي، ايم ٽو ۽ بئنڪن جي کاتن ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب 4 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11.77 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جنهن ۾ گردشي ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11.67 ٽرلين رپيا رهيو هو. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين گردش هيٺ ڪرنسي ۾ مجموعي طور تي 1.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. انگن اکرن مطابق 4 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ايم ٽو  جو ڳاڻيٽو 44.39 ٽرلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ان کان اڳ واري هفتي جي 43.94 ٽريلين روپين جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين ايم ٽو ۾ مجموعي طور 4.4 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. انگن اکرن مطابق 4 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ بئنڪن جي مجموعي کاتن جو ڳاڻيٽو 32.56 ٽرلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ان کان اڳ واري هفتي جي 32.21 ٽرلين روپين جي ڀيٽ ۾ 1.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين بئنڪن جي کاتن ۾ مجموعي طور تي 5.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي.