وزيراعظم پاران برآمدي صنعتن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برآمدي صنعتن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي عالمي معيار جهڙو بڻائڻ، ڪوالٽي انشورنس جي نظام کي موثر بڻائڻ ۽ عالمي معيارن ۽ ضابطن تي مڪمل عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، روانگي واپار ۾ ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو …

اسلام آباد- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برآمدي صنعتن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي عالمي معيار جهڙو بڻائڻ، ڪوالٽي انشورنس جي نظام کي موثر بڻائڻ ۽ عالمي معيارن ۽ ضابطن تي مڪمل عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، روانگي واپار ۾ ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پاڪستاني مصنوعات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قدر ۽ مقابلي جي صلاحيت ٻنهي ۾ اضافو ٿئي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ ۽ معاشي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، ناڻي واري وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ روانگي واپار جي فروغ لاءِ منظور ٿيل اسٽريٽجڪ روڊ ميپ تي عملدرآمد بابت اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ نئين عالمي منڊين تائين پهچ، برآمدي شعبن جي عالمي سطح تي مقابلي جي صلاحيت بهتر بڻائڻ، برآمدي شعبن جي اضافي، مصنوعات جي معيار ۾ بهتري ۽ ڪاروباري سهولتڪاري جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته روانگي واپار ۾ اضافي کي ملڪي معاشي ترقي جو بنياد بڻايو وڃي ۽ روايتي شعبن سان گڏوگڏ وڌيڪ شعبن کي به عالمي منڊين ۾ برآمدات لاءِ تيار ڪيو وڃي، واپار کي سگهارو بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ شعبن ۽ صنعتن کي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي. پاڪستاني شين جي معيار کي عالمي معيار موجب بڻائڻ، ڪوالٽي انشورنس نظام کي موثر بڻائڻ ۽ عالمي معيارن ۽ ضابطن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته روانگي واپار ۾ ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پاڪستاني مصنوعات جي عالمي منڊي ۾ قدر ۽ مقابلي ٻنهي ۾ اضافو ٿئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برآمدي صنعتن جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت کي فروغ ڏنو وڃي، مُلڪي معيشت کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپُور فائدو حاصل ڪيو وڃي، روانگي واپارين کي درپيش انتظامي ۽ ڪاروباري رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ۽ روانگي واپار جي عمل کي وڌيڪ سولو، تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي منڊي تائين پاڪستاني شين جي پهچ وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي دوست ملڪن سان آزاد واپاري معاهدن ۽ رعايتي اگهن تي واپاري معاهدن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستاني هارٽيڪلچر ( باغباني) جي شين کي روانگي واپار ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستاني سرجيڪل ۽ ميڊيڪل اوزارن جو روانگي واپار وڌائن جي لاءِ عالمي اسپتالن جا ٽينڊرز ۽ خريداري ۾ پاڪستاني ايڪسپورٽرز جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، عالمي ڪمپنين کي پاڪستاني شين سان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ ٽيڪسپو، هيلٿ انجنيئرنگ ۽ منرلز شو، فوڊ اينڊ ايگريڪلچر ۽ ٻين شعبن بابت نمائشون مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ منعقد ڪيُون پيُون وڃن، برآمدات ۾ جدت کي فروغ ڏيڻ لاءِ حقوق دانش قانونن کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ تي ڪم جاري آهي، ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ جي نيئن سر جوڙجڪ جو عمل مڪمل ٿي چُڪو آهي ۽ اي ڊي ايف طرفان ڪاروباري برادري جي لاءِ سهولت جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن.