واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت موجب اڱاري تي منعقد ٿيل ملاقات  ۾پاڪستان ۽ ڪينيڊا  ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ جي معاهدي (ايف آءِ پي اي) تي ڳالهيون تيز ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. فيپا ڳالهين …

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت موجب اڱاري تي منعقد ٿيل ملاقات  ۾پاڪستان ۽ ڪينيڊا  ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ جي معاهدي (ايف آءِ پي اي) تي ڳالهيون تيز ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. فيپا ڳالهين جو ايندڙ دور آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ منعقد ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪينيڊا  سان سيڙپڪاري معاهدي کي جلد حتمي صورت ڏيڻ جو خواهشمند آهي،  سيڙپڪارن جا جائز خدشا ختم ڪري سازگار ڪاروباري ماحول يقيني بڻائينداسين. ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر چيو ته فيپا معاهدو ڪينيڊين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌائن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. معاهدي سان قانوني تحفظ، ٽياڪڙي ۽ تڪرارن جي حل جو موثر نظام ميسر ٿيندو. هن چيو ته فيپا پاڪستان ۾ ڪينيڊين ڪمپنين ۽ گڏيل منصوبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ بنيادي قدم هوندو. پاڪستان جي وڏي صارف مارڪيٽ ڪينڊين سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا رکي ٿي. ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪينيڊا ۾ رهندڙ 3 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري جي پل بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪينيڊين ڪمپنين جو وفد پاڪسان ۾  آئينده معدنيات سيڙپڪاري فورم ۾ شرڪت ڪندو. ڊيري، حيواني جينيات، کاڄرو تيل، ميون جي جوس ۽ فوڊ پروسيسنگ ۾ تعاون کي سگهه ڏني ويندي. ڄام ڪمال خان  چيو ته زرعي جنسن جي ويليو ايڊيشن ۽ گڏيل منصوبن سان ٽين ملڪ کي روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو. ملاقات ۾ جهازن جي ليزنگ، ايرو اسپيس ۽ فضائي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.