پيرو جي فٽبال ٽيم جو اڳوڻو مينيجر ميڪسيڪو جي فٽبال ڪلب جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر

ميڪسيڪو سٽي- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) پيرو جي قومي فٽبال ٽيم جي اڳوڻي مينيجر ميڪسيڪو جي فٽبال ڪلب سان هيڊ ڪوچ جي عهدي جو معاهدو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  56 سالن جو خوان رينوسو هاڻي  مارٽن واريني جي جاءِ وٺندو، جنهن کي تازو عهدي  تان برطرف ڪيو ويو هو. خوان رينوسو ڊسمبر تائين  معاهدي تي صحيحون  ڪيون آهن. رينوسو کي 22 سالن جو مينيجر  هجڻ جو  ڪيريئر آهي جنهن ۾ سال 2022ع  ۽ 2023ع دوران پيرو جي قومي ٽيم جي ڪوچنگ به شامل آهي. 