سعودي عرب نومبر ۾ عالمي ميري ٽائيم فورم جي ميزباني ڪندو

رياض- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي رائل نيول فورسز هلندڙ سال 23 کان 25 نومبر تائين رياض ۾ سعودي انٽرنيشنل ميري ٽائيم فورم جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان جي سرپرستي هيٺ، فورم اهم نيول  ڪمانڊرن، پاليسي سازن، ماهرن، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي شعبن جي ماهرن کي گڏ ڪندو. فورم پنهنجي خاص سيشن ۽ سرگرمين ذريعي اهم مسئلن تي ڌيان ڏيندو، جنهن ۾ عالمي اسٽريٽجڪ ماحول ۾ تبديلين، ميري ٽائيم سپلاءِ چين جي تحفظ تي ان جي اثر ۽ توانائي جي سپلائي چين جا درپيش خطرا شامل آهن. سامونڊي تهه جي سيڪيورٽي …

رياض- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي رائل نيول فورسز هلندڙ سال 23 کان 25 نومبر تائين رياض ۾ سعودي انٽرنيشنل ميري ٽائيم فورم جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان جي سرپرستي هيٺ، فورم اهم نيول  ڪمانڊرن، پاليسي سازن، ماهرن، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي شعبن جي ماهرن کي گڏ ڪندو. فورم پنهنجي خاص سيشن ۽ سرگرمين ذريعي اهم مسئلن تي ڌيان ڏيندو، جنهن ۾ عالمي اسٽريٽجڪ ماحول ۾ تبديلين، ميري ٽائيم سپلاءِ چين جي تحفظ تي ان جي اثر ۽ توانائي جي سپلائي چين جا درپيش خطرا شامل آهن. سامونڊي تهه جي سيڪيورٽي ۽ انفرا اسٽرڪچر جي تحفظ جو پڻ جائزو ورتو ويندو. ميري ٽائيم ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سيڪيورٽي چئلينجن تي پڻ بحث ڪيو ويندو. ميري ٽائم سسٽم جي تحفظ ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ واري حل ۽ ٽيڪنالاجيز جي به ڳولا ڪئي ويندي.  اهو فورم ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ ۾ مصنوعي ذهانت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪندو.