فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پُراڻي اسٽريٽجڪ حصيداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

راولپنڊي-28 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي ڀائراڻي اسٽريٽجڪ حصيداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد …

راولپنڊي-28 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي ڀائراڻي اسٽريٽجڪ حصيداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان سعودي جي ماحوليات، پاڻي، زراعت واري وزير انجنيئر عبدالرحمان عبدالمحسن الفضلي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ پُراڻي اسٽريٽجڪ حصيداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. معزز مهمان علائقائي امن، استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ تعاون خاص ڪري زراعت ۽ ماحولياتي پائيداري جي شعبن ۾ ان کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں