نجي شعبي کي ڪاروباري سرگرمين، جدت ۽ چٽاڀيٽي واري سيڙپڪاريءَ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: احسن اقبال

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي معاشي استحڪام، پائيدار اقتصادي ترقي، پيداواريت ۾ واڌ ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري ۽ـ روزگار جي وسيع موقعن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. پاڪستان جو بنيادي معاشي چئلينج هاڻ استحڪام کان وڌي معيشت ۾ بنيادي ۽ پائيدار تبديلي آڻڻ آهي. احسن اقبال وزارت ۾ هارورڊ بزنس اسڪول …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي معاشي استحڪام، پائيدار اقتصادي ترقي، پيداواريت ۾ واڌ ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري ۽ـ روزگار جي وسيع موقعن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. پاڪستان جو بنيادي معاشي چئلينج هاڻ استحڪام کان وڌي معيشت ۾ بنيادي ۽ پائيدار تبديلي آڻڻ آهي. احسن اقبال وزارت ۾ هارورڊ بزنس اسڪول جي ايم بي اي جي شاگردن جي هڪ وفد سان ملاقات ڪئي. هن هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن جو رٿابندي واري وزارت ۾ آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان کي صرف پنهنجي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي روشنيءَ ۾ نه پر هڪ وسيع تر صلاحيتن ۽ امڪانن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته تقريبن 26 ڪروڙ آبادي، وڏي نوجوان افرادي قوت ۽ جاگرافيائي بيهڪ، زرعي ۽ معدني وسيلن، تيزيءَ سان وڌندڙ ڊجيٽل معيشت ۽ دنيا ۾ موجود پاڪستانين جي مضبوط برادري پاڪستان کي ڊگهي مُدي جي معاشي تبديليءَ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي بار بار ايندڙ ان چڪر مان نڪرڻو پوندو جنهن ۾ معاشي تيزي، پرڏيهي کاتن ۾ دٻاءُ، استحڪام جي قدمن ۽ وري معاشي سست روي کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، ان مقصد لاءِ پاڪستان جو بنياد پيداواريت، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ تي ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير شاگردن کي اُڏام پاڪستان بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هي حڪومت جو قومي تبديليءَ جو لائحه عمل آهي، جنهن جو بنياد فائيو اِيز تي رکيو ويو آهي، ان ۾ روانگي واپار، ڪاروبار ۽ روزگار، ڊجيٽل پاڪستان ۽ ڊجيٽل معيشت، ماحوليات، موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ پاڻي تحفظ، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي، جڏهن ته برابري، اخلاقيات ۽ بااختيار بڻائڻ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان 2035ع تائين هڪ کرب ڊالرن جي معيشت بڻجڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته اهو مقصد صرف مجموعي قومي پيداوار جي هڪ انگ تائين پهچڻ ناهي پر قومي پيداواري صلاحيتن کي ان سطح تائين وٺي وڃڻو آهي ته پاڪستان 2035ع ۾ اهڙيون شيون ۽ خدمتن جي عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي جي بنيادن تي پيدا ۽ وڪرو ڪري سگهي، جيڪي اڄ هو پيدا نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اصل سوال هي آهي ته 2035ع ۾ پاڪستان دنيا کي اهڙيون شيون پيدا ڪري چٽاڀيٽي واري انداز ۾ وڪرو ڪندو جيڪي اڄ اسان پيدا نه ڪري رهيا آهيون، حقيقي ترقي دراصل قومي صلاحيتن جي تعمير جو نالو آهي. احسن اقبال چيو ته پيداواريت، معيار ۽ جدت پاڪستان جي مستقبل جي چٽاڀيٽي واري صلاحيت جا بنيادي سبب آهن، حڪومت ملڪ ۾ پيداواريت، معيار ۽ جدت جي قومي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن دنيا ۾ ميڊ اِن پاڪستان جي سُڃاڻپ، قابل اعتماد، معياري ۽ همٿائيندڙ شين جي حوالي سان قائم ٿئي. انساني وسيلن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو عوام آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن نوجوان آباديءَ کي معياري تعليم، بهتر غذائيت، صحت، فني مهارتن ۽ روزگار جا موقعا فراهم نه ڪيا ويا ته اهائي آبادي اسان جي معاشي بار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. مصنوعي ذهانت جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته هي اُسرندڙ معيشتن لاءِ تاريخ ساز موقعو آهي، جڏهن ته جيڪي ملڪ فني صلاحيتون پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهنديون اهي هڪ نئين عالمي ذهانت جي ورڇ ۾ پوئتي رهجي سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان کي اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جو صرف صارف بڻجڻ بدران ان جو تخليقڪار ۽ معاشي ضرورتن موجب بڻجڻو پوندو. مصنوعي ذهانت، حياتياتي ٽيڪنالاجي، جديد صنعت، زراعت ۽ خلائي علم جهڙن شعبن ۾ پاڪستان کي پنهنجين فني ۽ تخليقي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻي پوندي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو تجربو واضح ڪري چڪو آهي ته موسمياتي تبديليءَ کي صرف هڪ ماحولياتي مسئلي طور نٿو ڏسي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان جو سڌيءَ ريت اثر مالي استحڪام، غذائي تحفظ، بنيادي ڍانچي، عوامي صحت ۽ غربت تي پوي ٿو. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي بدلجندڙ ڪردار تي روشني وجهندي وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جي پهرئين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي منصوبن تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ صنعتي تعاون، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، زراعت، روانگي واپار ۽ ڪاروباري شعبي جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي. هن چيو ته قومي سطح تي معاشي تبديلي صرف حڪومت ذريعي ممڪن ناهي. جديد رياست کي ڪاروباري سرگرمين، جدت ۽ چٽاڀيٽي واري سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ، مختلف شعبن وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ، مؤثر نگراني ۽ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته نجي شعبي کي ڪاروباري سرگرمين، جدت ۽ چٽاڀيٽي واري سيڙپڪاريءَ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سڌارن جي سياسي معيشت جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي اهم ترين ضرورتن مان هڪ پاليسين جو تسلسل آهي. هن چيو ته مختلف ڪامياب ملڪ مختلف معاشي ماڊلز تي عمل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن سڀني ۾ هڪ شيءِ هڪجهڙي آهي ته اها پاليسين ۽ رُخ جو تسلسل آهي. احسن اقبال هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن کي پاڪستان کي سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن جي سرزمين طور ڏسڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هو پاڪستان جي موجوده ڪارڪردگي ۽ ان جي حقيقي صلاحيتن وچ ۾ موجود کوٽ جو جائزو وٺي. وفاقي وزير آخر ۾ چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ جو سفر دراصل پنهنجي شهرين لاءِ موقعن کي هٿي ڏيڻ جو سفر آهي. هن چيو ته ترقيءَ جو حقيقي پيمانو اهو آهي ته هر نوجوان پاڪستاني توڙي جو ان جو تعلق ڪنهن به جنس، علائقي ۽ معاشي پسِ منظر سان هجي، معياري تعليم حاصل ڪري سگهي، مفيد هنر سکي سگهي ۽ باعزت پيداواري روزگار حاصل ڪري سگهي، پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهي ۽ بهتر مستقبل جي اعتماد سان تصور ڪري سگهي، اسان اهڙي ئي پاڪستان جي تعمير لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. احسن اقبال هارورڊ بزنس جي شاگردن کي دعوت ڏني ته هو مستقبل ۾ پاڪستان واپس اچن ۽ صرف سياح يا مهمان جي حيثيت سان نه پر سيڙپڪار، ڪاروباري شخصيتن ۽ پاڪستان جي معاشي تبديليءَ جي حصيدار طور پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن شاگردن کي اها به دعوت ڏني ته هو هڪ سال پاڪستان ۾ گذاري پنهنجي علمي ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ملڪ جي معاشي تبديليءَ لاءِ ڪتب آڻين.

مزید خبریں