بئريسٽر دانيال چوڌري جي صدارت ۾ ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس جي ايڊوائيزري ڪائونسل جو اجلاس، اسپتالن ۾ فائر سيفٽي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي زور

اسلام آباد - 28 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پمز اسپتال جي نرسري ۾ لڳندڙ باهه جي واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 نئين ڄاول ٻارن جون جانيون ضايع ٿيون، هن زور ڏنو ته غفلت جي ذميوار ماڻهن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. جمعي ڏينهن هن اها ڳالهه ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ …

اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پمز اسپتال جي نرسري ۾ لڳندڙ باهه جي واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 نئين ڄاول ٻارن جون جانيون ضايع ٿيون، هن زور ڏنو ته غفلت جي ذميوار ماڻهن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. جمعي ڏينهن هن اها ڳالهه ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ ۾ ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس جي ايڊوائيزري ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ پارليامينٽ ميمبرن اسپتالن خاص طور تي نئين ڄاول ٻارن جي نرسرين ۾ فائر سيفٽي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي وڌيڪ موثر قدمن تي زور ڏنو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن امجد علي خان، سيده نوشين افتخار، فرح ناز اڪبر، شائسته خان، زيب جعفر، آسيه ناز تنولي، ڪرن حيدر ۽ سيده امينه بتول شرڪت ڪئي. ايڊوائيزري ڪائونسل پمز جي نرسري ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ نئين ڄاول ٻارن جي فوتگين تي گهري ڏک ۽  افسوس جو اظهار ڪندي حقيقتون سامهون آڻڻ ۽ ڪنهن به غفلت يا ڪوتاهي جي ذميواري جو تعين ڪرڻ جي لاءِ شفاف جاچ جي ضرورت تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن اسپتالن ۾ فائر سيفٽي پروٽوڪولز ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حفاظتي قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، خاص طور تي انهن طبي مرڪزن ۾ جتي نوان ڄاول ٻار ۽ ٻيا گهٽ عمر ۽ حساس ٻار علاج هيٺ هوندا آهن. پمز سانحي بابت هڪ قرارداد قومي اسيمبلي ۾ پڻ پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ نئين ڄاول ٻارن جي فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شفاف جاچ، ذميوارن جي نشاندهي ۽ قانون موجب ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ٻارن جي حفاظت ۽ انهن جي زندگين تي ڪو به ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته شفاف جاچ جي ذريعي حقيقتن جو تعين ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن غفلت يا فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ماڻهن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻارن جي تحفظ ۽ انهن جي حقن جي لاءِ موثر نظام کي يقيني بڻائڻ ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي.

مزید خبریں