حڪومت ٽيڪس نظام کي وڌيڪ سادو ۽ اثرائتو بنائڻ ۽ روانگي واپار لاءِ سازگار ماحول کي مضبوط بنائڻ ۾ پُرعزم آهي: بلال اظهر ڪياني

 ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت واپار کي سهولت فراهم ڪرڻ، ٽيڪس نظام کي وڌيڪ سادو ۽ اثرائتو بنائڻ ۽ روانگي واپار لاءِ سازگار ماحول کي مضبوط بنائڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪراچيءَ ۾ آل پاڪستان ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشنز جي اهم اڳواڻن ۽ نمائندن سان اعليٰ سطح جي صلاح مشوري واري اجلاس ۾ چئي. اجلاس ۾ ٽيڪس …

 ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت واپار کي سهولت فراهم ڪرڻ، ٽيڪس نظام کي وڌيڪ سادو ۽ اثرائتو بنائڻ ۽ روانگي واپار لاءِ سازگار ماحول کي مضبوط بنائڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪراچيءَ ۾ آل پاڪستان ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشنز جي اهم اڳواڻن ۽ نمائندن سان اعليٰ سطح جي صلاح مشوري واري اجلاس ۾ چئي. اجلاس ۾ ٽيڪس پاليسي، هاڻوڪي بجيٽ ۾ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ اعلان ڪيل ٽيڪس رليف ۽ روانگي واپار جي شعبي کي درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن روانگي واپار ڪندڙن کي حڪومت جي ٽيڪس پاليسي ۽ تازي بجيٽ ۾ روانگي واپار جي شعبي لاءِ متعارف ڪرايل ٽيڪس رليف وارن قدمن کان آگاهه ڪيو. بلال اظهر ڪياني اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي بجيٽ کان پوءِ حڪومت طرفان نوٽيفاءِ ڪيل ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن بابت به بريفنگ ڏني ۽ ٻُڌايو ته انهن ڪميٽين جو مقصد روانگي واپار کي سهولت فراهم ڪرڻ، روانگي واپار ڪندڙن طرفان اُٿاريل مسئلن جي حل ۾ مدد ڏيڻ، تڪرارن جي سهڻي انداز سان حل جو اثرائتو طريقو فراهم ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ آهي ته روانگي واپار ڪندڙن کي ٽيڪس عملدارن طرفان غير ضروري هراسان ڪرڻ کي مُنهن ڏيڻو نه پوي. اجلاس ۾ صنعت جي نمائندن حڪومتي مشاورت جي عمل جي آجيان ڪندي ٽيڪس بابت عملي ۽ انتظامي مسئلن جي حل ۽ روانگي واپار جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. روانگي واپار ڪندڙن مملڪتي وزير طرفان صنعت جي مسئلن جي حل، روانگي واپار ڪندڙن کي سهولتن جي فراهمي ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اقتصادي ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۽ عزم کي ساراهيو.

مزید خبریں