اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، وزيراعظم جي هدايت تي ايم ايل-1 منصوبي جي روهڙيءَ کان ملتان سيڪشن جي مالي مدد لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته ايم ايل-1 ريلوي لائن جي بهتري، واڌ ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ منصوبي جي تڪميل لاءِ قابل عمل، جامع ۽ مالياتي حڪمت …
ايم ايل-1 ريلوي لائن جي بهتري، واڌ ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، رٿابندي جي تڪميل لاءِ قابلِ عمل ۽ جامع مالياتي حڪمت عملي جوڙي ويندي : احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، وزيراعظم جي هدايت تي ايم ايل-1 منصوبي جي روهڙيءَ کان ملتان سيڪشن جي مالي مدد لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته ايم ايل-1 ريلوي لائن جي بهتري، واڌ ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ منصوبي جي تڪميل لاءِ قابل عمل، جامع ۽ مالياتي حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس ۾ ايم ايل-1 منصوبي جي مڪمل تڪميل لاءِ مختلف ذريعن کان مالي مدد جي امڪانن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جن ۾ سرڪاري ترقياتي پروگرام پي ايس ڊي پي، پرڏيهي مالي مدد، سرڪاري ۽ نجي حصيداري، مقامي واپاري بئنڪن ۽ سيڙپڪارن مارڪيٽ کان مالي وسيلا حاصل ڪرڻ شامل آهن. ڪميٽيءَ منصوبي جي تڪميل لاءِ هڪ جامع ۽ حتمي مالياتي منصوبو جوڙڻ تي به غور ڪيو. اجلاس ۾ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن طرفان ايم ايل-1 جي روهڙيءَ کان ملتان سيڪشن کي نجي سيڙپڪاريءَ ذريعي تعمير ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته روهڙي کان ملتان سيڪشن جي تعمير تي 450 ارب رپين کان وڌيڪ جو ڪاٿو آهي. اجلاس کي ريلوي لائن جي موجوده حالت ۽ ان سبب پيش ايندڙ حادثن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي. ٻُڌايو ويو ته گذريل 10 سالن دوران ريلوي لائن زبون ۽ خراب حال هئڻ سبب ٽرينن جي پٽڙيءَ تان لهڻ جا 399 واقعا پيش آيا، جڏهن ته ان عرصي ۾ 158 حادثا به رپورٽ ٿيا. وفاقي وزير چيو ته ايم ايل-1 ريلوي لائن کي جديد رُخن تي آڻڻ ۽ ان جي سگهه ۾ واڌ حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته جديد، محفوظ ۽ مؤثر ريلوي نظام پاڪستان جي معاشي سرگرمين، عوامي سفري سهولتن ۽ واپاري چُرپر لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مالي معاونت سان ڪراچيءَ کان روهڙي ريلوي سيڪشن تي ڪم هلندڙ مالي سال ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان سمورا ضروري قدم وقت سر مڪمل ڪيا وڃن. روهڙي کان ملتان سيڪشن جي حوالي سان وفاقي وزير هدايت ڪئي ته منصوبي جي مستند ۽ غير جانبدار ٿرڊ پارٽي کان جامع فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائي وڃي ته جيئن منصوبي جي فني، مالياتي ۽ معاشي اهميت جو غير جانبدار جائزو وٺي سگهجي ۽ ان جي بنياد تي قابلِ عمل مالياتي ماڊل جوڙيو وڃي. احسن اقبال ريلوي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي لوڪو موٽيوز، مال بردار ريل گاڏين ۽ مسافر ڪوچز جي حوالي سان مڪمل منصوبا بندي ڪئي وڃي ۽ انهن سمورين ضرورتن لاءِ گهربل مالي وسيلن جو جامع ڪاٿو تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ريلوي جي بنيادي ڍانچي جي بهتريءَ سان گڏوگڏ ريل جي انجڻين، مال بردار گاڏين ۽ مسافر ڪوچز جي دستيابي به هڪ مؤثر ۽ جديد ريلوي نظام لاءِ اڻٽر آهي، ان لاءِ سمورن شين کي هڪ مربوط منصوبا بنديءَ جو حصو بڻايو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ مسلسل گهٽتائيءَ سبب قومي ۽ عوامي اهميت وارا ڪيترائي منصوبا متاثر ٿي رهيا آهن، ان لاءِ گهربل وسيلن کي مؤثر انداز ۾ ڪتب آڻڻ ۽ متبادل مالياتي ذريعا ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايم ايل-1 محض هڪ ريلوي منصوبو نه پر پاڪستان جي مواصلاتي ڍانچي، واپار، صنعت ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قومي منصوبو آهي، جنهن جي وقت سر ۽ مؤثر تڪميل سان ملڪ ۾ اچ وڃ جي نظام کي جديد بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي ۽ ايم ايل-1 منصوبي جي مالي مدد، روهڙي کان ملتان سيڪشن جي تعمير، فزيبلٽي اسٽڊي ۽ مستقبل جي ريلوي ضرورتن بابت مختلف معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.










