پاڪستان ۽ برطانيا واپار، سيڙپڪاري ۽ مصنوعي ذهانت سميت مختلف شعبن ۾ وسيع تر حصيداري کي گڏيل طور تي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي: محمد اسحاق ڊار

لنڊن - 28 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا واپار، سيڙپڪاري، مالياتي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ مصنوعي ذهانت سميت مختلف شعبن ۾ وسيع تر حصيداري کي گڏيل طور تي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان جي معيشت هاڻي مستحڪم ٿي چڪي آهي، …

لنڊن – 28 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا واپار، سيڙپڪاري، مالياتي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ مصنوعي ذهانت سميت مختلف شعبن ۾ وسيع تر حصيداري کي گڏيل طور تي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان جي معيشت هاڻي مستحڪم ٿي چڪي آهي، حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ ملڪي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪيو آهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن لنڊن ۾ پنهنجي دوري دوران ٿيندڙ اعلى سطحي ملاقاتن بابت ميڊيا بريفنگ ۾ چئي. هن برطانوي عملدارن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حڪمت عملي تي ٻڌل تعاون جي نئين مرحلي جي شروعات قرار ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته هن دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل سان انتهائي ڪارائتي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کانسواءِ هلندڙ سال ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (سي اين او جي ايم) جي تيارين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم جي شرڪت بابت حتمي فيصلو اڃا ٿيڻ باقي آهي جڏهن ته اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان يقيني طور تي شرڪت ڪندو. هن ياد ڏياريو ته هو پاڻ به ماضي ۾ ان فورم تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. هن چيو ته سڌاراجاتي قدمن ۽ نوجوانن جي ڀلائي بابت پروگرامن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل نوجوانن جي معاملن جي حوالي سان پاڪستان جي بطور شريڪ چيئرمين ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان دولت مشترڪه کي پاڪستان جي مهارت ۽ تجربو فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن نشاندهي ڪئي ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته ان جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ آفتن جي حوالي سان دنيا جي 10 سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن برطانيا جي پرڏيهي وزير سان پڻ هڪ جامع ملاقات ڪئي. هن ٻڌايو ته ڪجهه هفتا اڳ منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي برطانوي پرڏيهي وزير جي مقرري جي فوري پوءِ به ساڻس ملاقات ٿي هئي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون پڻ ڳالهه ٻولهه جي ايجنڊا جو حصو هو جڏهن ته هن ڀيري ڳالهه ٻولهه ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين تي خاص ڌيان رهيو، جن کي هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن جي لاءِ هڪ قيمتي اثاثو قرار ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن معيشت، سيڙپڪاري، مالياتي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ، مصنوعي ذهانت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ايندڙ ان حصيداري کي گڏيل طور تي اڳتي اوڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ٻڌايو ته هن وقت برطانيا جي منڊين ۾ ايندڙ پاڪستاني مصنوعات مان اٽڪل 94 سيڪڙو کي ترجيحي واپاري سهولت حاصل آهي، جنهن سان پاڪستان بدستور فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته برطانيا  پاران ان واپاري تعلق کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت جي مڪمل حمايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ کيس پاڪستان ۽ برطانيا جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هن برطانوي وزير اسٽيفن ڊوٽي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻڌايو ته هو ماضي ۾ به مختلف حيثيتن ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪري چڪو آهي. هن برطانيا سان تعاون جي دائري کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار برطانيا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر پڻ شرڪت ڪئي. هن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪائونسل جي سطح جي ان نوعيت جا اجلاس معمول جي سيڪيورٽي پروٽوڪول تحت عام طور تي ڪئميرائن کان پري منعقد ڪيا وڃن ٿا، انهي جي ڪري ان ملاقات بابت پرڏيهي وزارت پاران رڳو هڪ پوسٽ جاري ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ تصويرون جاري نه ڪيون ويون. هن چيو ته ملاقات ۾ واضح ۽ وسيع البنياد معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم چيو ته لنڊن م پنهنجي سمورين ملاقاتن دوران هن محسوس ڪيو ته سندس سمورن هم منصبن ۽ لاڳاپيل عملدارن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته برطانوي عملدارن ان معاملي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۽ ڪردار کي پڻ ساراهيو آهي. هن چيو ته برطانيا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار سان مثبت ملاقات ٿي آهي، ملاقات ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جڏهن ته برطانوي قومي سلامتي جي صلاحڪار آمريڪا – ايران ثالثي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ برطانوي عملدارن پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي ساراهيو آهي. هن چيو ته برطانيا ثالثي جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار کي پڻ ساراهيو آهي. نائب وزيراعطم چيو ته پاڪستان جي معيشت هاڻي مستحڪم ٿي چڪي آهي، حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ ملڪي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان اڄ سفارتي طور تي اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بهتر مقام تي آهي. هن چيو ته ڀارت جي خلاف عظيم فتح سان پاڪستان جو عالمي وقار بلند ٿيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ امن ممڪن نه آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل ڪيو آهي جڏهن ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل ڪري ئي نه ٿو سگهي، اها عالمي قانونن ۽ معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي، پاڪستان ڀارت جي پاڻي جارحيت کي جنگ تصور ڪندو.

مزید خبریں