پمز سانحي جي ذميوارن جو تعين ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پمز سانحي جي ذميدارن جو تعين ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. مخالف ڌر ان سانحي تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري، ان اجلاس جي ڪارروائي سڌيءَ ريت قوم کي ڏيکاري وڃي، ڪميٽين ۾ ڪنهن به معاملي جي جاچ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وڃي ٿي ته جيئن معاملو ئي نظر کان اوجهل …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پمز سانحي جي ذميدارن جو تعين ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. مخالف ڌر ان سانحي تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري، ان اجلاس جي ڪارروائي سڌيءَ ريت قوم کي ڏيکاري وڃي، ڪميٽين ۾ ڪنهن به معاملي جي جاچ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وڃي ٿي ته جيئن معاملو ئي نظر کان اوجهل ٿي وڃي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پمز سانحي تي ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان پمز واقعي ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙن جي وارثن لاءِ 50 لک في ٻار معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته هي واقعو ٿيو آهي ان جو ازالو ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته قومي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس سومر تي طلب ڪيو ويو آهي، ان ۾ ان سانحي تي گهرو وزارت طرفان رپورٽ پيش ڪئي ويندي، مخالف ڌر ان ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجو بائيڪاٽ ختم ڪري، اتي تفصيلي ۽ بامقصد بحث ٿيندو ۽ اهڙن واقعن جي ازالي جو مستقل حل تلاش ڪري سگهجي. خواجه آصف چيو ته مخالف ڌر طرفان ڪجهه شين جي نشاندهيءَ دوران سٺيون تجويزون ڏنيون ويون آهن، ملڪ ۾ گل پلازه سميت مختلف واقعا ٿيا پر انهن ڪميٽين ۾ اڄ تائين انڪوائري سطح تي سرگرميون ٿيون آهن، جڏهن ته ان جا نتيجا اڃا تائين نه پهتا جيڪڏهن جوابدهي هجي ۽ ذميدارن کي سزائون ملن ته سمورا حادثا روڪي سگهجن ٿا، جڏهن ته ڪو معاملو انڪوارين ۾ وڌو وڃي ٿو ته اهو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو، جتي ڄاڻي واڻي دير جا حربا اختيار ڪيا وڃن ٿا ته جيئن ماڻهو ان سانحي کي ڀُلجي وڃن، ان ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان کي ڀُلجي وڃن، هن چيو ته پمز ۾ باهه لڳڻ وڏو واقعو آهي، ان جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي سزا ڏيڻ گهرجي، هي تحقيقاتي ڊگهي نه هفتي 10 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں