بيجنگ- 24 آگسٽ (اي پي پي) چين جي نائب صدر هان زينگ سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان موقعي تي چيني نائب صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي اسٽريٽجڪ رهنمائي ۾ چين ۽ ڪويت جا لاڳاپا مسلسل بهتر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته تازن سالن ۾ مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مٽا سٽا …
چين ڪويت سان گڏجي ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ تي تيار آهي: چيني نائب صدر جي ڪويتي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
بيجنگ- 24 آگسٽ (اي پي پي) چين جي نائب صدر هان زينگ سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان موقعي تي چيني نائب صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي اسٽريٽجڪ رهنمائي ۾ چين ۽ ڪويت جا لاڳاپا مسلسل بهتر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته تازن سالن ۾ مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مٽا سٽا ۽ سهڪار ۾ مسلسل اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته چين ڪويت سان گڏجي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ اعليٰ سطح تائين پهچائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. چين جي نائب صدر چيو ته چين امن ڳالهين لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ وچ اوڀر ۾ جلد امن بحال ڪرڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪندو. ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ جراح چين جي حمايت کي ساراهيندي چيو ته ڪويت هڪ چين جي اصول تي مضبوطي کان قائم آهي. هن عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ چين جي اهم ڪردار کي ساراهيو.











