راولپنڊي- 24 آگسٽ (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ نوجوان نسل کي درپيش فڪري، اخلاقي ۽ معاشرتي چئلينجز جو مؤثر حل نبي ڪريمﷺ جي تعليم ۾ موجود آهي، سيرت طيبهﷺ اسان کي محبت، اخوت، برداشت، رواداري، عدل، امن ۽ سهڻي اخلاق جو درس ڏئي ٿو، جنهن تي عمل ڪري معاشري کي امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري …
نوجوان نسل جي فڪري ۽ اخلاقي تربيت لاءِ سيرت النبيﷺ کان رهنمائي ضروري آهي: سردار محمد يوسف

مزید خبریں
راولپنڊي- 24 آگسٽ (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ نوجوان نسل کي درپيش فڪري، اخلاقي ۽ معاشرتي چئلينجز جو مؤثر حل نبي ڪريمﷺ جي تعليم ۾ موجود آهي، سيرت طيبهﷺ اسان کي محبت، اخوت، برداشت، رواداري، عدل، امن ۽ سهڻي اخلاق جو درس ڏئي ٿو، جنهن تي عمل ڪري معاشري کي امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. هو مذهبي معاملن ۽ اوقاف کاتي راولپنڊي جي انتظام هيٺ ٿيل زونل سيرت النبيﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته سيرت الطيبهﷺ انسانيت لاءِ مڪمل رهنمائيءَ جو سرچشمو آهي، نوجوان نسل جي فڪري ۽ اخلاقي تربيت لاءِ سيرت النبيﷺ جي تعليم کي عام ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. محبت، رواداري، برداشت ۽ ڀائيچاري جهڙن گُڻن کي هٿي ڏئي معاشري ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.










