حنا جاويد جي قاتلن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪيس جي مڪمل پيروي ڪنداسين: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حنا جاويد جي قاتلن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڪيس جي مڪمل پيروي ڪنداسين. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ حنا جاويد جي قتل ڪيس باري آگاهه ڪندي هن چيو ته حنا جاويد هتي اسيمبليءَ ۾ ڪم ڪندي رهي ۽ ان معاملي ۾ فوري طور پنجاب حڪومت سان …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حنا جاويد جي قاتلن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڪيس جي مڪمل پيروي ڪنداسين. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ حنا جاويد جي قتل ڪيس باري آگاهه ڪندي هن چيو ته حنا جاويد هتي اسيمبليءَ ۾ ڪم ڪندي رهي ۽ ان معاملي ۾ فوري طور پنجاب حڪومت سان ڳالهايو ۽ ان معاملي ۾ ريجنل پوليس آفيسر ۽ سي پي او پنڊي سان به رابطي ۾ آهيان. هن ٻُڌايو ته ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ اهي 3 ڏينهن جي ريمانڊ تي آهن. پراسيڪيوٽر جنرل کي خاص هدايتون ڪيون آهن ته ان ڪيس ۾ هن هڪ پراسيڪيوشن ٽيم به بڻائي آهي، هو پاڻ ڪيس کي مانيٽر ڪندو، ان ۾ ڪنهن قسم جي خامي کوٽي نه هوندي ۽ ملزمن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. ڪميٽيءَ کي جهڙيءَ طرح جي معاونت قانوني ۽ انساني حقن واري وزارت طرفان گهربل هوندي مڪمل معاونت فراهم ڪئي ويندي، ان ڪيس جي مڪمل پيروي ڪنداسين.