اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4200 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 87 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 87 هزار هڪ سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3601 رپين …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4200 رپين جي واڌ، في تولو سون 4 لک 87 هزار 136 رپين جو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4200 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 87 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 87 هزار هڪ سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3601 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 14 هزار 039 رپين مان وڌي 4 لک 17 هزار 640 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 79 هزار 549 رپين مان وڌي 3 لک 82 هزار 850 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت ترتيبوار 7379 رپيا ۽ 6326 رپين تي مستحڪم رهي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4604 ڊالرز مان وڌي 4646 ڊالرز ٿي وئي.










