بدين - 24 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻُڌائي ڇڏي، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج بدين رائو محمد نديم 24 ورهين جي نوجوان محمد ايوب ماڇي جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي عمر قيد ۽ 15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. 2023ع ۾ تلھار ٿاڻي جي حدن ۾ جوابدارن 24 ورهين جي نوجوان …
بدين جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻُڌائي ڇڏي

مزید خبریں
بدين – 24 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻُڌائي ڇڏي، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج بدين رائو محمد نديم 24 ورهين جي نوجوان محمد ايوب ماڇي جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي عمر قيد ۽ 15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. 2023ع ۾ تلھار ٿاڻي جي حدن ۾ جوابدارن 24 ورهين جي نوجوان محمد ايوب ماڇي کي خنجر جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. واقعي جو ڪيس مقتول جي والده جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو. ڄاڻايل ڪيس جي جانچ ان وقت جي جانچ آفيسر سراج احمد شيخ ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر اعجاز احمد خواجه عدالت ۾ ڪيس جي پيروي ڪئي. ڪيس ۾ دليل ٻڌڻ کانپوءِ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج بدين رائو محمد نديم ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن شاھنواز ملاح ۽ شھباز ملاح کي عمر قيد ۽ مجموعي طور 15 لک رپيا نقد ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻئي جوابدار وڌيڪ هڪ، هڪ سال جي قيد ڪاٽيندا. جڏهن ته عدالت ايف آءِ آر ۾ نامزد ٻين جوابدارن جمن ملاح ۽ ناٿو ملاح خلاف ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي کين بري ڪري ڇڏيو.










