مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ حضور پاڪ صلي الله علي وآله وسلم جن جي يوم ولادت جي سلسلي ۾ محفل نعت اڱاري ڏينهن منعقد ٿيندي

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ حضور پاڪ صلي الله علي وآله وسلم جن جي يوم ولادت جي سلسلي ۾ محفل نعت اڱارو 25 آگسٽ تي منعقد ٿيندي. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف تقريب جو خاص مهمان هوندو. محفل نعت ۾ سڄي ملڪ مان ثنا خوان نعت رسول صلي الله علي وآله وسلم پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا. …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ حضور پاڪ صلي الله علي وآله وسلم جن جي يوم ولادت جي سلسلي ۾ محفل نعت اڱارو 25 آگسٽ تي منعقد ٿيندي. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف تقريب جو خاص مهمان هوندو. محفل نعت ۾ سڄي ملڪ مان ثنا خوان نعت رسول صلي الله علي وآله وسلم پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا. ان موقعي تي قصيده برده شريف پيش ڪرڻ جو به خاص طور تي بندوبست ڪيو ويو آهي. تقريب جي پڄاڻي تي انعام به ورهايا ويندا، جنهن ۾ سيرت جي مختلف موضوعن تي تصنيفون ۽ نعت رسول صلي الله علي وآله وسلم پيش ڪندڙن ۾ انعام ورهايا ويندا.