گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪ قرضن جي جاري ڪرڻ ۾ جولاءِ دوران اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان قرضن جي جاري ڪرڻ ۾ جولاءِ دوران ساليانو ۽ ماهوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 386 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 35.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان قرضن جي جاري ڪرڻ ۾ جولاءِ دوران ساليانو ۽ ماهوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 386 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 35.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال جولاءِ ۾ بئنڪن طرفان گاڏين جي خريداري لاءِ صارفين کي 286 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا هئا. جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان قرضن جي جاري ڪرڻ ۾ ماهوار بنيادن تي 1.2 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. جون ۾ آٽو فنانس لاءِ بئنڪن مجموعي طور تي 382 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا هئا. جيڪي جولاءِ ۾ وڌي 386 ارب رپيا ٿي ويا.