آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي واضح عددي برتري حاصل ٿي وئي

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ 8 مخصوص سيٽن تي چونڊ کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي ميمبرن جو انگ 32 ٿي ويو، جڏهن ته پ پ پ جي ميمبرن جو انگ 14 تائين پهچي ويو. سومر ڏينهن آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ عورتن جي 5 سيٽن سميت 7 سيٽن تي چونڊ ٿي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي نگراني ۾ پولنگ جو عمل …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ 8 مخصوص سيٽن تي چونڊ کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي ميمبرن جو انگ 32 ٿي ويو، جڏهن ته پ پ پ جي ميمبرن جو انگ 14 تائين پهچي ويو. سومر ڏينهن آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ عورتن جي 5 سيٽن سميت 7 سيٽن تي چونڊ ٿي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي نگراني ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هن نتيجن جو اعلان ڪيو جنهن مطابق ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي ن ليگ جو بيرسٽر افتخار گيلاني 26 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ان جي مقابلي ۾ پ پ جي اميدوار ذوالفقار علي 12 ووٽ حاصل ڪيا. عالمن ۽ مشائخن جي مخصوص سيٽ تي ن ليگ جو محمد مظهر سعيد 26 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ان جي مقابلي ۾ پ پ پ جي حافظ طارق کي 12 ووٽ مليا. عورتن جي 5 مخصوص سيٽن مان 3 سيٽون مسلم ليگ (ن) کي مليون. هڪ سيٽ تي ٽاس ذريعي فيصلو ٿيو جنهن ۾ پ پ پ جي اميدوار ڪامياب ٿي. عورتن جي مخصوص سيٽن تي ن ليگ جي مريم زمان، مريم ادريس ۽ سحرش قمر ڪامياب ٿيون. پ پ پ جي فرزانه يعقوب ۽ زوبيه خورشيد راجا عورتن جي مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيون. مخصوص سيٽن جي نتيجن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي ميمبرن جو انگ 32 تائين پهچي ويو. پ پ پ جي ميمبرن جو انگ 14 ويو. اوورسيز سيٽ تي عبدالرحمان آرائين بنا مقابلي اسيمبلي ميمبر چونڊجي ويو آهي. آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ مسلم ليگ 0ن) کي واضح عددي برتري حاصل ٿي وئي.