اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ڪاروباري سهولت ڪاري مرڪز (بي ايف سي) اسلام آباد سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي هڪ ئي ڇِت هيٺان سرڪاري خدمتن جي فراهمي ذريعي ڪاروباري ماحول کي آسان ۽ سيڙپڪاري دوست بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن بي ايف سي اسلام آباد جي دوري، …
بي ايف سي اسلام آباد ۾ سال دوران ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري بابت 7709 درخواستون وصول ٿيون: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ڪاروباري سهولت ڪاري مرڪز (بي ايف سي) اسلام آباد سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي هڪ ئي ڇِت هيٺان سرڪاري خدمتن جي فراهمي ذريعي ڪاروباري ماحول کي آسان ۽ سيڙپڪاري دوست بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن بي ايف سي اسلام آباد جي دوري، مرڪزي هڪ سال جي ڪارڪردگي ۽ ڪاروباري سهولتڪاري جي نتيجن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته بي ايف سي اسلام آباد ۾ هڪ سال دوران ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري بابت 7709 درخواستون وصول ٿيون، مرڪز ذريعي 6896 رجسٽريشنز، لائسنز، سرٽيفيڪٽس ۽ ٻيا اجازت ناما جاري ڪيا ويا. قيصر احمد شيخ چيو ته بي ايف سي 4920 درخواستون مقرر وقت اندر اڪلايون جڏهن ته هڪ سال دوران 4100 کان وڌيڪ نون ڪاروبارن کي سهولت فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته بي ايف سي جي سهولتڪاري جي نتيجي ۾ 6.6 ارب روپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ممڪن ٿي ۽ 20 هزار کان وڌيڪ روزگار جي موقعن جي سهولتڪاري ڪئي وئي. وفاقي وزير مطابق هڪ سال دوران بي ايف سي اسلام آباد ۾ 8554 ماڻهن جي اچ وڃ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته 845 ڪيسن ۾ ماهرن جي خاص رهنمائي فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته ڊسمبر 2025ع ۾ سڀ کان وڌيڪ 1288 درخواستون وصول ٿيون. سندس چوڻ هو ته ڪاروباري سهولتڪاري مرڪز سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي مختلف سرڪاري کاتن بابت خدمتون هڪ ئي جاءِ تي فراهم ڪري رهيو آيه جنهن سان انهن کي آفيسن جا چڪر لڳائڻ ۽ پيچيده طريقيڪار کان ڇوٽڪارو ملي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ طريقيڪار کي آسان ۽ سهولتڪاري نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي رهي آهي، بي ايف سي جو هڪ سال جو ڪامياب آپريشن سيڙپڪار دوست ماحول جي قيام طرف اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ هن ون ونڊو سهولت ذريعي ڪاروباري ماڻهن کي وڌ کان وڌ آسانيون فراهم ڪيون پيون وڃن.










