اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) غذائي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي مهيني جولاءِ دوران 2.47 سيڪڙو ۽ گوشت جي روانگي واپار ۾ 16.20 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. قومي شماريات اداري جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي مهيني جولاءِ 2026ع دوران ملڪ مان غذائي مصنوعات جو روانگي واپار گذريل مالي سال جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ …
غذائي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ هلندڙ مالي سال جولاءِ ۾ 2.47 سيڪڙو، گوشت جي روانگي واپار ۾ 16.20 سيڪڙو جو اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) غذائي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي مهيني جولاءِ دوران 2.47 سيڪڙو ۽ گوشت جي روانگي واپار ۾ 16.20 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. قومي شماريات اداري جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي مهيني جولاءِ 2026ع دوران ملڪ مان غذائي مصنوعات جو روانگي واپار گذريل مالي سال جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ 2.47 سيڪڙو جي اضافي سان 437.078 ملين ڊالر تائين پهچي ويو، جڏهن ته جولاءِ 2025ع ۾ اهو روانگي واپار 426.555 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. رپورٽ مطابق جولاءِ دوران چانور جو روانگي واپار 19.15 سيڪڙو جي نمايان اضافي سان 346024 ميٽرڪ ٽن تائين پهچي ويو، جنهن جي ماليت 199.950 ملين ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. گوشت ۽ گوشت مان تيار ڪيل مصنوعات جي روانگي واپار ۾ به جولاءِ 2026ع دوران 16.20 سيڪڙو اضافو ٿيو. جولاءِ 2026ع ۾ 8963 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ گوشت ۽ لاڳاپيل مصنوعات روانگي واپار ڪيون ويون.










